شھيدن جو مقام

شھيدن جو مقام (ماڳ): هيءُ ماڳ نئين ديري شھر ضلعي لاڙڪاڻي جي اوڀر ۾ واقع آهي. هيءُ مقام اٽڪل 60 جريبن ۾ پکڙيل وڏو قبرستان آهي. روايت مطابق هتي ڪلهوڙن جي سپھہ سالار شاھہ بھاري هڪ جنگ وڙهي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهڻو ڪوس ٿيو هو. هتي غريب شاھہ نالي هڪ بزرگ جي مزار پڻ آهي، جنهن بابت معلومات ڪانہ ٿي ملي، پر هيءُ مقام ’غريب شاھہ جو مقام‘ نالي سان بہ سڏبو آهي


لفظ شھيدن جو مقامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو