شھيد ثالث قاضي سيد نورالله شوستري: ننڍي کنڊ جو وڏو عالم، محقق، اسلامي علمن جو ماهر، تفسير ۽ حديث جو امام، فقھ ۽ اصول ۾ مجتهد، شھيد ثالث علامہ قاضي سيد نورالله شوستري عليہ رحمه، اڪبر بادشاھہ جي دور ۾ قاضي القضاة جي عهدي تي فائز هو. هي ايران جي مشھور شھر شوستر ۾ 956 ھہ/ 1549ع ۾ ڄائو. علمي، ادبي ۽ روحاني گهراڻي ۾ پيدا ٿيڻ ڪري ديني منزلت ۽ روحاني عظمت سان گڏ کيس دنياوي دولت، عزت، شهرت، منصب ۽ رياست سڀ ڪجهہ حاصل هو. ابتدائي تعليم پنھنجي پيءُ مير سيد محمد شريف کان حاصل ڪيائين. شھيد ثالث جو شجرو حضرت علي عليہ سان وڃي ملي ٿو.
شھيد ثالث ابتدائي تعليم حاصل ڪري ننڍپڻ ۾ ئي شوستر شھر جي مشھور عالم استادن مير صفي الدين محمد ۽ مير جلال الدين محمد صدر منتهي جي ڪتابن کي پڙهڻ لڳو. ماھہ ربيع الاول 980 ھہ/ آگسٽ 1572ع ۾ هي شوستر کان روانو ٿيو ۽ پهرين رمضان 980ھہ/15 جنوري 1573ع ۾ مشهد مقدس ۾ وارد ٿيو. هي اسلام جي تبليغ خاطر شوال المڪرمه 992ھہ/ 6 آڪٽوبر 1584ع ۾ 36 سالن جي عمر ۾ هندستان روانو ٿيو. هندستان پهچي هي گري شھر ۾ حڪيم ابو الفتح گيلانيءَ وٽ مهمان ٿيو. شھيد ثالث جي علمي ۽ روحاني فضيلت جو ٻڌي اڪبر بادشاھہ کيس پاڻ وٽ گهرايو ۽ ملاقات ڪيائين. اڪبر بادشاھہ سندس علمي ۽ روحاني شخصيت مان ايترو تہ متاثر ٿيو، جو کيس قاضي القضاة جي عهدي تي مقرر ڪيائين. شھيد ثالث اڪبر بادشاھہ جو ڏنل عهدو قاضي القضاة ان شرط تي قبول ڪيو تہ هو حقيقي اسلامي قانون مطابق فيصلا ڪندو ۽ ڪنهن جي بہ مداخلت برداشت نہ ڪندو. اهو شرط اڪبر بادشاھہ قبول ڪيو. شھيد ثالث پنھنجي علمي قابليت مطابق چئني مسلڪن حنفي، شافعي، مالڪي ۽ حنبلي وارن جا فيصلا سندن فقھ مان ڪندو هو ۽ اهل تشيع وارن جا فيصلا فقھ جعفريه مان ڪندو هو. اهو ڏسي ٻيا درٻاري اڪبر بادشاھہ جا ڪن ڀرڻ لڳا، پر اڪبر بادشاھہ انهن جي ڳالھہ کي هميشہ اڻٻڌو ڪري ڇڏيندو هو. شھيد ثالث پنھنجي عهدي تي ويهي حقيقي اسلامي شريعت مطابق اهڙا تہ منصفاڻه فيصلا ڪيا، جو هر خاص و عام سندس واکاڻ ڪندو رهندو هو.
علامہ شھيد ثالث ڪيترائي ڪتاب عربي ۽ فارسيءَ ۾ لکيا ۽ فارسي شاعري پڻ ڪيائين. سند تخلص ‘نوري’ هو. مخالفن جا رد بہ لکيائين. جيئن ميرزا مخدوم هڪ ڪتاب ‘نواقض الروافض’ لکيو. علامہ صاحب ان جو رد ‘مصائب النواصب’ نالي لکيو. ابن روز بهان ‘ابطال الباطل’ ڪتاب علامہ حلي جي تصنيف ‘ڪشف الحق و نهج الصدق’ جي رد ۾ لکيو. اهو ڏسي علامہ شھيد ثالث انهيءَ جو جواب ‘احقاق الحق’ نالي لکيو ۽ ان کان سواءِ علامہ ابن حجر جي تاليف ‘صواعق محرقه’ جو رد ‘صوارم مهرقه’ نالي لکيو. انهن کان سواءِ ننڍي کنڊ جي نامور محققن، عالمن ۽ شاعرن جي سوانح حيات تي هڪ ناياب تذڪرو ‘مجالس المومنين’ جي نالي سان لکيائين. علامہ شھيد ثالث جي علمي قابليت، عزت ۽ شھرت ۽ مقام ڏسي ڪري درٻار جا ٻيا عالم سبب ڳولڻ لڳا تہ ڪيئن بہ هن کي قتل ڪرائجي. درٻاري مخالف عالمن ڪيترائي ڀيرا اڪبر جا ڪن ڀريا، پر هو انهن جي ڪوڙين ڳالهين ۾ نہ آيو. اڪبر بادشاھہ جي وفات کانپوءِ جڏهن جھانگير بادشاھہ تخت نشين ٿيو تہ درٻاري عالمن وجهہ وٺي علامہ شھيد ثالث بابت جھانگير بادشاھہ جا ڪن ڀرڻ شروع ڪيا ۽ آخرڪار جھانگير جي حڪم سان درٻار جي عالمن سڪندر لوڌيءَ جي تعمير ڪرايل مسجد ۾ ڪائونسل جو اجلاس گهرائي، سيد نورالله شوستريءَ جي قتل جي فتويٰ جاري ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح 18 جمادي الثاني 1019ھہ/ 7 سيپٽمبر 1610ع تي علامہ شھيد ثالث کي وڏي بيدرديءَ سان بيگناھہ شھيد ڪيو ويو. علامہ جي شهادت کانپوءِ سندس لاش آگري شھر ۾ دفن ڪيو ويو، جتي هن وقت نهايت خوبصورت مقبرو جوڙيو ويو آهي.
سندس شهادت تي شاھجھان بادشاھہ جي دور جي نامور بزرگ شاھہ مظهرالحق ابو عبدالله محمد فاضل ترمذي اڪبر آباديءَ (متوفي 1060ھہ/ 1650ع) پنھنجي تاليف ‘مخبر الواصلين’ ۾ ڪيتريون ئي قطعه تاريخون چيون آهن، جن مان ٻہ هتي ڏجن ٿيون:
مير نور ﷲ عالي انتسباب،
زين زمانه بادل آگه شده،
سال قتلش مظهرالحق زد رقم،
‘عدن جا ئي مير نورالله شده’
1019ھہ
هن قطع تاريخ جي ٻي مصرع ۾ ارڙهن حرف آهن، جن مان مراد 18 تاريخ آهي. ٽئين مصرع ۾ پهريان ٻہ لفظ ‘سال قتلش’ ستن حرفن تي مشتمل آهن، جنهن مان مراد هفتي جو ستون ڏينهن جمعو آهي ۽ انهيءَ مصرع جي آخري ٻن لفظن ‘زد رقم’ ۾ پنج حرف آهن، جنهن مان مراد پنجون مهينو جمادي الثاني آهي.
هڪ ٻي مادہ تاريخ هيئن آهي:
مير عالي جناب نورالله،
بود نيڪو خصال و نيڪ سرشت،
سال ترحيل آن شهيدِ خدا،
شد رقم‘نورِ ماهِ اوجِ بھشت’
1019ھہ
شھيد ثالث جي مزار تي لڳل ڪتبي تي هيءَ تحرير اُڪريل آهي:
‘ظالمي اطفاي نورالله ڪرد،
قرة العين نبي را سر بُريد،
سال قتل حضرتش ضامن علي،
گفت ‘نورالله سيد شد شھيد’
1019ھہ
علامہ شھيد ثالث سيد نورالله شوستريءَ پنھنجي 63 ورهين جي زندگيءَ ۾ ڪيترائي تحقيقي ڪتاب لکيا، جن مان سوَن جي تعداد ۾ سندس تصنيفون گم ٿي ويون ۽ ڪي تصنيفون مختلف ماڻهن پنهنجن نالن تي ڪري ڇڏيون. تنهن هوندي بہ سندس 105 شاهڪار تصنيفون اڄ بہ دنيا جي مختلف وڏين لائبررين ۾ موجود آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:
تفسير:
1. انس التوحيد في تفسير آيته العدل والتوحيد (عربي)
2. تفسير آيهء انما المشرڪون نجس (عربي)
3. تفسير آيهء رويا (عربي)
4. تفسير آيهء قال الملڪ اني اري سبع بقرات (عربي)
5. تفسير آيهء قال الملڪ اني اري سبع الايــٰھ (فارسي)
6. تفسير آيهء فمن يردالله ان يهديه بشرح صدرته للاسلام الخ (عربي)
7. ڪشف العوارفي تفسير آية الغار (عربي)
8. تفسير آيهء تطهير وردِ ڪلام فخر رازي متعلق بہ آيهء تطهير (مطبوعه)
9. حاشيهء تفسير بيضادي (فارسي)
10. حاشيهء ثاني بر تفسير بيضادي (فارسي)
فقھ:
1. تذهيب الاڪمام في شرح تهذِب الاحڪام (عربي)
2. غايته المرام شرح تھذيب الاحڪام (عربي)
3. حآشيه برقو احد الاحڪام علامہ حلي رح (عربي)
4. حاشيہ بر مختلف الشيعه فقہ (عربي)
5. لمحہ في صلواة الجمعه (عربي)
6. رساله في نجاسته الخمر (عربي)
7. رساله في مسئله الڪفارة (عربي)
8. رساله في غسل الجمعه (عربي)
9. رساله في مسئله لبس الحرير (عربي)
10. رد رساله ابن ابي عقيل و ابات مسلڪ فقها بمجرد ملاقات نجاست نجس شود (عربي)
11. رساله في تقدير الماء الڪثير الذي حڪم عليہ الشارع باتطهير (عربي)
12. منتخب ڪتاب المحلي لابن حزم اندلسي فقھ اهلسنت (عربي)
13. رساله في ردما الضه تلميند ابن الھام في بيان اقتداء الحنفيه بالشافعيه فقھ اهلسنت (عربي)
14. حاشيہ شرح وقايه (فقہ اهلسنت: عربي)
15. حاشيہ بر هدايته (عربي)
اصول فقھ:
1. حاشيہ شرح تھذيب الاصول (عربي)
2. تعليقات بر شرح مختصر الاصول قاضي يحييٰ شافعي (عربي)
حديث و اذڪار:
1. شرح مقدمه المصابيح للبغوي (عربي)
2. عدة الابرار (عربي)
3. رساله در فضيلت عيد الشجاع (عربي)
ڪلام:
1. احقاق الحق (عربي)
2. مصائب النواصب (عربي)
3. صوارم مهرقه رد صواعق محرقه (عربي)
4. شرح اثبات واجب، جديد
5. شرح اثبات واجب، قديم (عربي)
6. حاشيہ بر بحثِ عذاب قبراز شرحِ عقائد (عربي)
7. دافقه الشقاق والنفاق (عربي)
8. نهايته الاقدام (عربي)
9. رسالهء رفع القدر (عربي)
10. حل العقال (عربي)
11. البحر الغزير (عربي)
12. الذڪر الابقيٰ (عربي)
13. تحفة العقول (عربي)
14. موائد الانعام (عربي)
15. حاشيہ بر رساله اجوبهء فاخرہ (عربي)
16. عشرهء ڪامله (عربي)
17. سبعهء سيارہ (عربي)
18. رساله درحقيقت عصمت (عربي)
19. رساله در رد شبهات شيطان (فارسي)
20. انموذج يا جلاليه (عربي)
21. اڪبر جي دور ۾ سندن نالي ممنون ڪيل (تاليف جو سال 992ھہ):
22. رساله رد مقدمات صواعق (عربي)
23. السحاب المطير (عربي)
24. حاشيہ برمبحث امامت شرح تجريد (عربي)
25. شرح مبحث حدوث عالم ازانموذج دواني (عربي)
26. حاشيہ برحاشيه خطائي (عربي)
27. رساله درردِ تصحيح ايمانِ فرعون (عربي)
28. رساله في ردرساله الڪاشي (عربي)
29. حاشيہ بر رساله تحقيق ڪلام بدخشي (عربي)
30. رساله في روماڪتب بعضهم ني نفي عصمة الانبياء (عربي)
31. رساله في روشبهته في تحقيق العلم الالهــٰي (عربي)
32. حاشيہ برمبحث معاد شرح تجريد (عربي)
33. النور الانور والنور الزهر في خفايارسالة القضادالقدر (عربي)
34. حاشيہ الانموذج عليٰ مبحث عدوث العالم (عربي)
35. حاشيہ الحاشيه القديمه علي شرح التجريد (عربي)
36. گوهر شاهوار (فارسي)
37. حاشيہ علي شرح التجريد القوشجي عليٰ مبحث المعاد (عربي)
38. حاشيہ علي شرح التجريد القوشجي عليٰ مبحث الامامة (عربي)
39. جواب اشلهء سيد حسن (فارسي)
40. اللطائف في بيان وجوب اللطف (عربي)
41. النظرالسليم (عربي)
42. حاشيهء شرح مواقف (عربي)
منطق:
1. حاشيہ بر شرح شمسيه قطبي (عربي)
2. شرح بديع الميزان (عربي)
3. حاشيہ برحاشيهء تھذيب ملا جلال (عربي)
4. حاشيہ برحاشيهء جلاليه بر تھذيب المنطق (عربي)
فلسفہ:
1. حاشيہ برحاشيه قديمہ (عربي)
2. حاشيہ برحاشيه شرح تجريد (عربي)
3. حاشيہ برالهيات شرح تجريد (عربي)
4. حاشيہ ورد چپي بر شرح تجريد اصفهاني (عربي)
5. حاشيہ قديمہ (عربي)
6. رساله بيانِ انواع ڪم (عربي)
7. رساله في ان الوجوه لامثل لھا (عربي)
8. حاشيہ بر بحث اعراض شرح تجريد (عربي)
.9 حاشيہ بر مبحثِ جواهر شرح تجريد (عربي)
10. شرح مبحث جواهر حاشيهء قديمہ (عربي)
11. حاشيہ ميبذي (عربي)
رياضي:
1. حاشيہ بر شرح چغمني (عربي)
2. حاشيہ بر تحريرِ اقليدس (عربي)
رجال:
1. مجالس المومنين (فارسي مطبوعه)
2. رساله اثبات تشيع سيد محمد نور بخش (فارسي مطبوعه)
3. رساله در ذڪر اسمائي رواة مخالفين (عربي)
4. حاشيہ خلاصة الرجال علامہ حلي رح (عربي)
صرف و نحو:
1. حاشيہ بر شرح جامي (عربي)
2. رساله در تعريف ماضي (عربي)
3. رساله بحثِ تخدير (عربي)
معاني و بيان:
1. حاشيہ بر مطوٰل (عربي)
ادب:
1. ديوانِ قصائد (ادب فارسي و عربي)
2. شرحِ خطبهء عضدي (عربي)
3. حاشيہ خطبهء شرحِ مواقف (عربي)
4. رساله گل و سنبل (فارسي)
5. شرح رباعي شيخ ابو سعيد ابن ابي الخير (فارسي)
6. ديوانِ اشعار (فارسي)
7. ڪتاب منشآت (فارسي)
ادعيه:
1. شرح دعائي صباح اميرالمومنين (فارسي)
2. مجموعه ادعيه اوراد (عربي)