
شهيد سومرو
شھيد سومرو: ناليواري اديب ۽ شاعر شھيد سومري جو اصل نالو عبدالخالق ولد غلام محمد سومرو هو. سندس جنم 1933ع ڌاري ڳوٺ آراضي تعلقي سيوهڻ ضلعي ڄامشوري ۾ ٿيو. شھيد سومرو 1952ع ۾ تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو ۽ 1992ع ۾ رٽائر ٿيو. هن 1953ع ۾ ڳوٺ کان لڏي اچي ڪوٽڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي. ننڍپڻ کان ئي سندس لڳاءُ ادب طرف هو. سندس شاعري توڙي مضمون سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجندا رهيا. سندس شاعريءَ جو هڪ ڪتاب ’وڍيل ٿي وايون ڪري‘ ۽ ڪوٽڙيءَ جي تاريخ تي اهم ڪتاب ’ڏٺم، ٻڌم، پڙهيم- لکيم‘ 1995ع ۾ رفتار پبليڪيشن ڪوٽڙي طرفان شايع ٿيل آهن. شھيد سومري جي ڪتاب ۾ ڪوٽڙي شھر ۽ تعلقي جي مذهبي، علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن بابت خاڪا شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ مشھور ڪهاڻيڪار عبدالقادر جوڻيجي جو لکيل آهي.
شھيد سومري، فيبروري 2016ع ۾ وفات ڪئي.