شھپات

شھپات (ذات): رند قبيلي جو هڪ پاڙو. هي اصل ۾ جنگجو هئا، جنگين ۾ اڪثر ڪارا بوٽ ۽ جوراب پائيندا هئا، تنهنڪري سياھہ پاد سڏجڻ ۾ آيا. هي لفظ اصل ۾ سياھہ پد، سياھہ پاد ۽ سياھہ پاز آهي، جيڪو بگڙجي شھپات ٿيو. هن ذات وارن جو ذڪر ايس. صادق علي پنھنجي ڪتاب ۾ بہ آندو آهي. هن ذات وارا بالخصوص سيوهڻ ۽ ٻين هنڌن تي بہ آباد آهي. هي پاڻ کي وڏن جي نسبت شھپات رند بہ سڏرائين ٿا.


لفظ شھپاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو