شھڻا (ذات): هي اصل ۾ برفتن جو پاڙو آهي. هنن جو وڏو راڄ ڀاڳ آهي. ٿاڻي بولا خان ۽ ڪوهستان ۾ آباد شھڻا ذات وارن جو چڱو مڙس صالح محمد برهماڻي آهي. هي برفت قبيلي جي راڄ ڌڻي ملڪ اسد سڪندر جي سرداريءَ هيٺ اچن ٿا. هنن لاءِ مشھور آهي تہ ابراهيم رند جي پٽ حميد خان برفتن مان شادي ڪئي، جنهن کي چئن پٽن جو اولاد ٿيو. جن ۾ براهم خان، شهڻو، سوڻهيرو ۽ سيٺار ٿيا، جن مان شهڻي جو اولاد شھڻا ذات سان سڏجي ٿو. انهن مان هر هڪ جو اولاد پنھنجي پيئرن جي نالن پويان ذاتين سان سڏجڻ ۾ آيو. هنن جا ڏاڏاڻا رند ۽ ناناڻا برفت آهن. شھڻا ذات وارن ۾ وري ننڍا پاڙا پڻ آهن: باگڙ پوٽا، ڀڀوت پوٽا، حسڻ پوٽا، حمل پوٽا، ڇڇر پوٽا، مهندي پوٽا، خاناڻي، دراڻي ۽ درويش وغيرہ. هن ذات وارن جون برفتن سان مٽيون مائٽيون آهن. هي ڪوهستان جي وسيع تر هنڌن تي آباد آهن.