صابري عبدالغفار مولانا

صابري، عبدالغفار، مولانا: عالم، اديب ۽ صحافي مولانا عبدالغفار صابري ولد رئيس عطا محمد خان ‘عطا’ مهيسر 4 جنوري 1930ع تي ڳوٺ پير محمد شاھہ'>سيد پير محمد شاھہ تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ جنم ورتو. هن سنڌ مدرسة الاسلام ۾ ديني تعليم ۽ ٻہ درجا انگريزي پڙهي پوءِ مدرسہ مظهر العلوم کڏي ڪراچيءَ مان فاضل درس نظامي جو ڪورس مڪمل ڪيو. کيس عربيءَ سان گڏ فارسي زبان تي بہ ڪافي عبور هو. پاڻ بھترين عالم هجڻ سان گڏ سٺو صحافي بہ هو. هن ميهڙ مان ‘شمشير الاسلاماخبار جاري ڪئي. ان کانپوءِ ‘فيض’ اخبار جاري ڪيائين. پاڻ بي باڪ قلمڪار هو. سندس مطالعو ۽ مشاهدو وسيع هو. ضياءُالدين ‘بلبل’، آخوند محمد موسى ڀٽي سيتائي، احمد خان سيال، عبدالعزيز ٻرڙي، خدا بخش ‘خادم’ ۽ عبدالله ‘همدم‘ سان سندس تمام گهڻي ويجهڙائپ رهي. ميهڙ ۾ ٻيٽي روڊ تي سندس سبحان پرنٽنگ پريس عالمن، اديبن ۽ شاعرن جي ڪچهرين جو مرڪز هئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ‘جواهرات اسلام’، ‘خدا جو تصور’، ‘دنيا جو باڪمال انسان’، ‘عالمگير انقلاب‘، ‘محبت جا مهراڻ’، ‘امن ۽ انسانيت جو نظام’ شامل آهن. ڪجهہ سال اڳ وفات ڪري ويو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.01.04  عيسوي

مولانا عبدالغفار صابري ولد رئيس عطا محمد خان ‘عطا’ مهيسر 4 جنوري 1930ع تي ڳوٺ سيد پير محمد شاهه تعلقي ميهڙ، ضلعي دادو ۾ جنم ورتو.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درشهوار سيد ڊاڪٽر
خواجہ ذوالفقار
خادم حسين لاکير ڊاڪٽر
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
عزيز حامد مدني
ديپچندر تلوڪچند چندر
شوڪت حسين شورو
رزاق سھتو
رضوي ماڪن شاھہ
سليم ﷲ مخدوم پاٽائي
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون