صابري يشڪري: محمد بن قاسم سنڌ جي فتح کانپوءِ ملڪي نظام لاءِ رئيس ۽ ڪامورا مقرر ڪيا. پنھنجي خاص اميرن ۽ وزيرن مان مختلف شهرن ۾ هر هڪ کي مقرر ڪري ملڪي نظام هلائڻ شروع ڪيو. صابري يشڪري بہ محمد بن قاسم جي خاص اميرن مان هو. هي وڏو بھادر ۽ جنگي فن ۾ مهارت رکندڙ هو. محمد بن قاسم علائقا فتح ڪندو ويو ۽ پويان پنهنجا امير مقرر ڪندو ويو ۽ اهڙي طرح نيرون ڪوٽ ۽ ديبل جي عملداري پنھنجي خاص امير صابري يشڪري کي ڏئي اڳتي وڌي ويو. صابري يشڪري مليل علائقن جي عملداريءَ جو نظام وڏي بهادري ۽ ايمانداريءَ سان هلايو ۽ سالياني آمدني جو گهڻو حصو محمد بن قاسم ڏي موڪليندو رهيو.