صابر سومرو: ‘تحفة الڪرام’ ۾ مير علي شير قانع ٺٽوي لکي ٿو تہ “بٺوري پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ هٽڙيءَ جو نامور صوفي بزرگ درويش صابر سومرو وڏو عالم، سير و سلوڪ جو صاحب ۽ مخدوم نوح سرور رحمة ﷲ عليہ جي فيض جي نظر جو خاص نوازيل هو. درويش صابر ڪمال وارن خوبين جو مالڪ هو.” مير علي شير قانع ٺٽويءَ هن جي وفات ۽ ڄم بابت ڪا بہ معلومات نہ ڏني آهي.