صابر فقير، ميان (خطاط): سنڌ جو هيءُ ناميارو بزرگ وڏو اهل الله، سخي، بلند پائي جو خوشنويس، ڪاتب ۽ عالم ٿي گذريو آهي. صابر فقير ڳوٺ ڀاوند هوکا تعلقي قنبر جو رهاڪو هو. تاريخي ڪتابن توڙي ٻين لکتن ۾ سندس پيدائش جي تاريخ نٿي ملي، پر سندس قلمي نسخن ۾ ڄاڻايل تاريخن مان محققن جو گمان آهي ته سندس جنم 1795ع کان 1800ع جي وچ ڌاري ٿيو هوندو. هن خوش نويسي ۽ خطاطيءَ جي سکيا پنهنجي ڏاڏي جي ڀاءُ ميان سڄڻ وٽان ڳوٺ ڀاوندا لاکا ۾ حاصل ڪئي. سندس نالي سان ڪيترائي قلمي مخطوطا ۽ نسخا مليا آهن. اهي مخطوطا عربي، فارسي ۽ ابوالحسن جي سنڌي ‘الف اشباع’ وغيره ۾ ڪتابت ڪيا ويا آهن. سندس ڪتابت ڪيل قلمي ذخيري جو گهڻو حصو زبون ٿي چڪو آهي. تنهن هوندي به سندس هيٺيان ڪجهه خسته حال مخطوطا اڄ به سندس پونيئرن وٽ موجود آهن: (1) قرآن مجيد جو خطي نسخو (ڪتابت ڪيل) 1279هه/ 1862ع، (2) ڪنز العبرت (ڪتابت ڪيل) 1290هه/1873ع (ابوالحسن جي سنڌي ‘الف اشباع’ ۾)، (3) قرآن شريف جو فارسي ترجمو (ترجمو ۽ ڪتابت) 1295هه/1878ع، (4) قرآن مجيد جو خطي نسخو (ڪتابت) 1301هه/ 1883ع، (5) ’تاريخ عالم اسلام‘ (حصو پهريون) تصنيف ڪيل 1304هه/ 1887ع (ابوالحسن جي سنڌي)، (6) ‘تاريخ عالم اسلام’ (حصو سنڌ: 1304هه/ 1887ع)، (7) تاريخ عالم اسلام (حصو ٻيو: 1304هه/ 1887ع)، (8) لغات نامه (ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾)، (9) مدحيات محمد حسن (ابوالحسن جي سنڌي ۾)، (10) فالنامه (ابوالحسن جي سنڌي ۾)، (11) طب فارسي (فارسيءَ ۾)، (12) غزل عشق (ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾)، (13) فوائد و التسخير تي علم الوقف والتڪبير، (عربيءَ ۾)، (14) مڪتوبات انشايه (فارسيءَ ۾)، (15) سورة والضحيٰ مبارڪ جو تفسير (تصنيف ڪيل- ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾)، (16) ‘علم ابجد’ (فارسيءَ ۾)، (17) يوسف زليخا جو قصو (ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾)، (18) وجود العاشقين (ابو الحسن جي سنڌيءَ ۾) وغيره. ميان صابر فقير وڏي ڄمار ماڻي. هن ميرن ۽ انگريزن جا سڀئي دور ڏٺا، تنهنڪري کيس ٻنهي دورن جي سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي حالتن جي ڄاڻ هئي. انهيءَ مشاهدي ۽ ڄاڻ جي بنياد تي هن عربي، فارسي ۽ سنڌي ۾ ضرور ڪي تذڪرا به ڪيا هوندا، مگر اهي زماني جي گردش جي ور چڙهي ويا. سندس ڪيترائي شاگرد تمام گهڻو مشهور ٿيا جن ۾: لقمان (ڪاتب)، ميان جان محمد ڪلهوڙو (عالم)، آخوند لونگ ڪلهوڙو (ڪاتب ۽ حافظ)، الهيار ڪلهوڙو (حافظ ۽ ڪاتب)، محمد اسماعيل ميمڻ (عالم) ۽ مولانا شير محمد کوسو (عالم) وغيره شامل آهن. هن بزرگ 1935ع ۾ گڙدن جي تڪليف سبب وفات ڪئي، کيس پنهنجي ڳوٺ ڀاوندا لاکا جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.