
ميين صابر ولهاريءَ جي مزار
صابر ولهاري، ميون: هيءُ صوفي بزرگ ڪلهوڙا دور جي حڪمرانن ميان يار محمد ڪلهوڙي (1718- 1700) ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي دؤر (1753- 1719) ۾ ٿي گذريو آهي. هن صوفي بزرگ جو تعلق ولهار شھر ضلعي ٽنڊي الهيار سان هو. هي شھر جي نسبت سان پاڻ کي ‘ولهاري’ سڏائيندو هو. سما قبيلي مان هو. سندس والد عبدالڪريم پنھنجي وقت جو مشھور صوفي بزرگ ۽ عالم ٿي گذريو آهي، جيڪو ٺٽي مان اچي ولهار ۾ رهيو. مخدوم ميين صابر ولهاريءَ، ابتدائي تعليم ارڙهين صدي عيسويءَ جي مشھور نقشبندي صوفي بزرگ ميين امين ڊاسوڙي واري کان حاصل ڪئي، جيڪو ارڙهين صديءَ جو مشھور صوفي عالم هو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هن ڪنڊياري ۾ مدرسو ۽ خانقاھہ قائم ڪئي. اهو علائقو هاڻي ‘شاديون ولهار’ سڏجي ٿو، جتي اڄ سندس پونير رهائش پذير آهن. سندس علم جي هاڪ ٻڌي ڪيترائي ماڻهو ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ سندس حلقي ۾ شامل ٿيا. روايت آهي تہ مشھور عالم ۽ شاعر مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي بہ سندس مدرسو ۽ خانقاھہ ڏسڻ ويو هو. ٽنڊي الهيار جي محقق آس عبدالوحيد موجب ميون شاھہ عنات رضوي (وفات: 1717ع) ۽ حضرت شاھہ عبداللطيف ڀٽائي (وفات: 1752ع) بہ صابر ولهاريءَ سان انهيءَ خانقاھہ ۽ مدرسي ۾ مليا ۽ ڪچهريون ڪيون هيون. مشھور صوفي بزرگ ميون معروف سندس پٽ هو ۽ کيس تعليم بہ ميين صابر ولهاريءَ ڏني هئي. ولهار جي هنن بزرگن جو ذڪر مير علي شير قانع پنھنجي ڪتاب ‘تحفة الڪرام’ ۾ بہ ڪيو آهي.