صابل ۽ بهرام جمالي1 (لوڪ داستان): هيءُ عشقيه لوڪ داستان ضلعي سانگهڙ جي علائقي ناري پٽ سان واسطو رکي ٿو. هيءُ قصو انگريز دور جو آهي. روايت آهي ته بهرام جمالي نظر محمد جو پٽ هو. بهرام ۽ صابل جا مائٽ برسات بعد مڇرن جي ڪري مکي مان مال ڪاهي سنڌڙي ڀرسان هڪ ڳوٺ چاڙهي منگلان ۾ آباد ٿيا. اتي رهڻ دوران سندن عشق جي ابتدا ٿي. بهرام مال چاريندو هو، جنهن دوران هو نڙ وڄائيندو هو. صابل سندس وڄت تي عاشق ٿي پئي. ڪجهه وقت بعد بهرام صابل کان ڪاوڙجي ٻيو عشق ڪيو. صابل کيس ڏاڍا ايلاز ۽ منٿون ڪيون، پر هڪ نه هليس. بهرام نئين محبوبا سان گڏ اٺ تي چڙهي صابل جي ڳوٺ جي ڀرسان گذر ڪيو ته ان وقت صابل ڪپڙا پئي ڌوتا، جنهن کي ڏسي هن هي مشهور ڦوڪ چئي:
آلو چولو لاهه صابل سنهڙي، آلو چولو لاهه
ڇنڊي ڇنڊي پاءِ
روايت آهي ته هڪ ڀيري صابل جي مالڪن ٻنهي کي گڏ پڪڙي مارڻ جو پلان جوڙيو، پر بهرام نڙ وڄائي صابل کي خبردار ڪيو ته فلاڻي ڪنڊي هيٺان دشمن تاڪ ۾ آهن، ائين پريمين جي جان بچي وئي. ڪنڊي هيٺ چاري، صابل جا مالڪ ڪنڊي هيٺ چاري اهڙي نموني جڏهن صابل جا مالڪ بهرام مٿان پهتا، ته هن صابل کي نڙ ذريعي اطلاع ڏنو ته: صابل منهنجي مٿان ماري، صابل منهنجي مٿان ماري صابل بهرام کي مرڻ کان بچايو. جنهن بعد سندن پاڻ ۾ عشق اڃا وڌي ويو. سندن پاڻ ۾ شادي نه ٿي. بهرام صابل کان اڳ وفات ڪري ويو. صابل سندس عشق ۾ ڪجهه سالن بعد وفات ڪئي. هن قصي جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ ‘نڙ جا بيت’ ۾ ڪيو آهي ته هن پهرئين ويجهي دور ۾ بهرام جمالي نڙ جو ماهر ۽ نڙ جي ڦوڪن جو شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن پنهنجي محبوبا صابل کي مخاطب ٿيندي ڦوڪون جوڙيون. بهرام جي نڙ جون ڦوڪون ‘صابل جون ڦوڪون’ جي نالي نڙ بيتاين وٽ مشهور آهن. هي قصو لڳ ڀڳ 1850ع کان 1896ع تائين واري عرصي جو آهي. هن قصي کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ‘صابل ۽ بهرام جمالي’ جي نالي نواز ڪنڀر جو ڪتاب به ڇپرايو آهي.