صابل ۽ بھرام جمالي1

صابل ۽ بھرام جمالي1 (لوڪ داستان): هيءُ عشقيہ لوڪ داستان ضلعي سانگهڙ جي علائقي ناري پٽ سان واسطو رکي ٿو. هيءُ قصو انگريز دور جو آهي. روايت آهي تہ بھرام جمالي نظر محمد جو پٽ هو. بھرام ۽ صابل جا مائٽ برسات بعد مڇرن جي ڪري مکي مان مال ڪاهي سنڌڙي ڀرسان هڪ ڳوٺ چاڙهي منگلان ۾ آباد ٿيا. اتي رهڻ دوران سندن عشق جي ابتدا ٿي. بھرام مال چاريندو هو، جنهن دوران هو نڙ وڄائيندو هو. صابل سندس وڄت تي عاشق ٿي پئي. ڪجهہ وقت بعد بھرام صابل کان ڪاوڙجي ٻيو عشق ڪيو. صابل کيس ڏاڍا ايلاز ۽ منٿون ڪيون، پر هڪ نہ هليس. بھرام نئين محبوبا سان گڏ اٺ تي چڙهي صابل جي ڳوٺ جي ڀرسان گذر ڪيو تہ ان وقت صابل ڪپڙا پئي ڌوتا، جنهن کي ڏسي هن هي مشھور ڦوڪ چئي:
آلو چولو لاھہ صابل سنهڙي، آلو چولو لاھہ
ڇنڊي ڇنڊي پاءِ
روايت آهي تہ هڪ ڀيري صابل جي مالڪن ٻنهي کي گڏ پڪڙي مارڻ جو پلان جوڙيو، پر بھرام نڙ وڄائي صابل کي خبردار ڪيو تہ فلاڻي ڪنڊي هيٺان دشمن تاڪ ۾ آهن، ائين پريمين جي جان بچي وئي. ڪنڊي هيٺ چاري، صابل جا مالڪ ڪنڊي هيٺ چاري اهڙي نموني جڏهن صابل جا مالڪ بھرام مٿان پهتا، تہ هن صابل کي نڙ ذريعي اطلاع ڏنو تہ: صابل منهنجي مٿان ماري، صابل منهنجي مٿان ماري صابل بھرام کي مرڻ کان بچايو. جنهن بعد سندن پاڻ ۾ عشق اڃا وڌي ويو. سندن پاڻ ۾ شادي نہ ٿي. بھرام صابل کان اڳ وفات ڪري ويو. صابل سندس عشق ۾ ڪجهہ سالن بعد وفات ڪئي. هن قصي جو ذڪر ڊاڪٽر بلوچ ‘نڙ جا بيت’ ۾ ڪيو آهي تہ هن پهرئين ويجهي دور ۾ بھرام جمالي نڙ جو ماهر ۽ نڙ جي ڦوڪن جو شاعر ٿي گذريو آهي. جنهن پنھنجي محبوبا صابل کي مخاطب ٿيندي ڦوڪون جوڙيون. بھرام جي نڙ جون ڦوڪون ‘صابل جون ڦوڪون’ جي نالي نڙ بيتاين وٽ مشھور آهن. هي قصو لڳ ڀڳ 1850ع کان 1896ع تائين واري عرصي جو آهي. هن قصي کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ‘صابل ۽ بھرام جمالي’ جي نالي نواز ڪنڀر جو ڪتاب بہ ڇپرايو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو