
صابو راهو شهر
صابو راهو (شھر): هيءُ شھر ضلعي شھيد بينظيرآباد، تعلقي سڪرنڊ ۾ نيشنل هاءِ وي سڪرنڊ کان حيدرآباد ڏانهن ويندڙ رستي تي ڪجهہ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آهي. روايت موجب هن شھر جو نالو هڪ ديوان ‘صابو راءِ’ جي نالي پويان پيو. هتي پاڪستان ٺھڻ کان اڳ واڻين جو وڏو ڪاروبار هوندو هو ۽ واپاري تمام گهڻا هوندا هئا. هي زرعي لحاظ کان سرسبز ۽ شاداب علائقو آهي. هتي ڪيلي جو واپار تمام گهڻو ٿئي۔ ان سان گڏوگڏ پوک جي لحاظ کان ڪمند، ڪڻڪ، جوئر، ٻاجهري، سرنهن، وونئڻن جو فصل بہ سٺو ٿئي ٿو. هتي مختلف ذاتيون رهن ٿيون، جن ۾: سنجراڻي، چانڊيا، راهو، ميربحر،لاکا، خانزادا، بنگلاڻي، مڱڻهار، ڏيٿا، ڪيريا، حاجاڻا، جلباڻي، ماڙي، جلالاڻي، لانگاھہ ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. هن شھر ۾ هڪ هاءِ اسڪول، مڊل گرلس اسڪول، جانورن جي اسپتال، چار پرائمري اسڪول ۽ هڪ پوسٽ آفيس بہ موجود آهي. هن شھر جي ڀر ۾ هڪ وڏو قبرستان بہ آهي، جيڪو پير علي شاھہ مراد جي نالي سان مشھور آهي. هتي جي مشھور سگهڙن ۽ شاعرن ۾: پير بخش حاجاڻو، دلدار سنجراڻي، محمد آچر بنگلاڻي ساجد راهو قابل ذڪر آهن.