صابڻ

صابڻ

صابڻ

صابڻ

صابڻ Soap

صابڻ (Soap): صابڻ جي سادي وصف آهي، “ڪو به اهڙو مادو جيڪو پاڻيءَ سان استعمال ڪري گج پيدا ڪري صفائي جي ڪم اچي.” صابڻ ڪيترن نمونن جو ٿي سگهي ٿو جهڙوڪ: چڪيون، داڻيدار، ڇلر يا پاڻيٺي. عام طور تي صابڻ کار (جهڙوڪ سوڊيم هائيڊروآڪسائيڊ)، قدرتي سڻڀ/ چرٻيءَ يا انهن جي تيزابن جي ملائڻ سان هڪ اهڙو ردعمل پيدا ٿئي ٿو، جنهن سبب سوڊيم جا لوڻ پيدا ٿي پاڻيءَ جي صفائي ڪرڻ جي عمل کي بهتر ڪري چمڙيءَ، ڪپڙن، وارن سميت ڪنهن به ٻيءَ شئي تان مٽي ۽ مير صاف ڪري ڇڏين ٿا. اهڙيون خاصيتون هجڻ سبب صابڻ کي نهايت ڪارائتو سمجهيو وڃي ٿو. ڪيمسٽريءَ جي حوالي سان صابڻ جي مختصر وصف آهي، “ڪنهن به چرٻيدار تيزاب جو لوڻ ” جنهن جو ڪيميائي فارمولا C₁₇H₃₅COONa آهي. رومي ڏندڪٿائن موجب صابڻ تي انگريزيءَ ۾ نالو ساپو جبل (Mount Sapo) تان پيو آهي جتي جانور قربان ڪيا ويندا هئا. جڏهن برسات، قرباني ڪيلن جانورن جي چرٻي، کاراٺي ڪاٺي جي رک سان تبر نديءَ (Tiber) ۾ لوڙهي ويندي هئي ۽ ماڻهو اهڙي لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ ڪپڙا ڌوئيندا هئا ته اهي صاف ٿي ويندا هئا. صابڻ ٺاهڻ جو اهو نسخو بنا ڪنهن تبديليءَ جي ڪيترين صدين تائين استعمال ٿيندو رهيو ۽ آمريڪي بيٺڪي، جانورن جي چرٻي گڏ ڪري ڪاڙهي ان سان سياري ۾ ٻاريندڙن وڻن جي کاراٺي پوٽاش ملائي صابڻ ٺاهيندا هئا. يورپي به هڪ اهڙي قسم جو صابڻ، زيتون جي تيل مان ٺاهيندڙ هئا، جنهن کي ڪسٽيل صابڻ (castile) سڏيندا هئا. جڏهن ته 19 صديءَ جي تجارتي مقصدن لاءِ عام جام صابڻ ٺهڻ شروع ٿيا ۽ دنيا جي مقامي مارڪيٽن ۾ ملڻ شروع ٿيا.
صابڻ جهڙيءَ ڪنهن شئي هجڻ جا پڪا ثبوت 2800 ق.م ڌاري ملن ٿا، جنهن جا پهريان ٺاهيندڙ بابلي، ميسوپوٽامي ۽ مصرين سميت قديم يوناني ۽ رومي هئا. اهي سڀ چرٻي، تيل ۽ لوڻ ملائي صابڻ ٺاهيندا هئا. ان دور ۾ صابڻ وهنجڻ ۽ ذاتي صفائيءَ بجاءِ رڌپچاءَ جي ٿانون ۽ سامان کي صاف ڪرڻ لاءِ يا طبي مقصد جهڙوڪ چمڙيءَ جي بيمارين جي علاج لاءِ تيار ڪيو ويندو هو. 18 صديءَ کان اڳ ۾ صابڻ جو عام جام استعمال نه ٿيندو هو. ڇاڪاڻ ته مهانگي هجڻ سبب سواءِ امير ماڻهن جي ٻيو ڪو استعمال ڪري نه سگهندو هو. ان دور ۾ ٺهندڙ صابڻ ۾ اڻوڻندڙ بوءِ هوندي هئي. صنعتي انقلاب کانپوءِ صابڻ ٺاهڻ جا ڪيترائي نوان طريقا متعارف ٿيا ۽ ايشيا ۽ آفريڪا مان خوشبودار وکر جهڙوڪ: کجي ۽ ناريل گهرائي انهن جي تيل مان صابڻ تيار ٿيڻ لڳا ته تمام گھڻا مشهور ٿيڻ لڳا. ڪيترن ماهرن جي دعويٰ آهي ته صابڻ، 19 صديءَ جي وچ ڌاري تمام گهڻو عام جام استعمال ٿيڻ شروع ٿيو. عام ماڻهن ۾ صابڻ جي تمام گهڻي مقبول ٿيڻ جو هڪ سبب 1900 جي اوائلي ڏهاڪي دوران ان جي ايتري ته وڏي پئماني تي اشتهاربازي ڪرڻ هئي جو ڏينهن جو هلندڙ ڊراما سيريز کي ‘سوپ آپيرا’ جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
اڄڪلهه صابڻ جي ٽڪين ٺاهڻ جا ٽي مرحلا ٿين ٿا. پهريون، الڪليءَ (کار) سان تيل ۽ چرٻي ملائي صابڻ جو خام مال تيار ڪري منجهس پاڻي ۽ گليسيرول گڏايو وڃي ٿو. ٻيو، اهڙيءَ ملاوت کي سڪائي منجهائنس پاڻي ختم ڪيو وڃي ٿو. ٽيون، سڪل سادي صابڻ ۾ خوشبوءِ، رنگ ۽ ٻيون شيون ملائي ٽڪين يا چڪين جي صورت ۾ آندو وڃي ٿو. صابڻ ٺاهڻ جي عمل کي سئپونيفڪيشن (saponification) سڏجي ٿو. جڏهن ته اڄڪلهه جا جديد صابڻ رڳو ٽڪين جي صورت بجاءِ پاڻيٺي ۽ هئنڊ واش (hand wash) جي صورت ۾ به تيار ڪيا وڃن ٿا، جيڪي تمام تيزيءَ سان مقبول ٿي رهيا آهن.
هن وقت صابڻ جي صنعت تمام تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ نون وکرن وارا نون قسمن جا صابڻ تيار ڪري رهي آهي، جنهن سبب ممڪن آهي ته اڳين صابڻن جي مقبوليت گهٽجي وڃي. هاڻ ته مخصوص مقصدن لاءِ به صابڻ تيار ٿي رهيا آهن، جهڙوڪ: ذاتي استعمالِ، ڌوپ جي ڪم، ٿانون ٿڦن ۽ پالتو جانورن لاءِ. جيتوڻيڪ ڪو به عام صابڻ اهڙا ڪم ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته صابڻ ٺاهيو ئي ان ڪم لاءِ وڃي ٿو ته اهو مٽي ۽ سڻڀ وغيره صاف ڪري ڇڏي، پر توهان ڪنهن چمڙيءَ جي ڊاڪٽر ڏانهن ويندو ته هُو توهان کي ڪنهن مخصوص صابڻ استعمال ڪرڻ جي سفارش ڪندو. ٿلهي ليکي هن وقت مارڪيٽ ۾ ڪيترن قسمن جا صابڻ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو