صاحبداد جمالي، مفتي: سنڌ جي نامياري عالم ۽ ليکڪ مفتي صاحبداد ولد خميسو خان جماليءَ جو جنم 1316ھہ/1898ع ڌاري لوڻي (ضلعي سبي) بلوچستان ۾ ٿيو. هن قرآن شريف جي تعليم خواجہ محمد شاھہ کان، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم مولانا محمد يوسف کان حاصل ڪئي. پاڻ سنڌ جي مختلف مدرسن مان درس نظاميءَ جي تعليم حاصل ڪري ڳڙهي ياسين جي مدرسي ‘مدرسہ قاسميه’ ۾ مفتي محمد قاسم کان درس ورتائين. تعليم جي حصول کانپوءِ هو ان ئي مدرسي ۾ درس تدريس سان لاڳاپيل رهيو. سندس شاگردن جو حلقو ڪافي وسيع آهي، جن ۾ پير عبدالجبار راڻيپوري، مولانا تاج محمد، مولانا عبدالحئي ۽ مولانا فخرالدين قابل ذڪر آهن. هو پير جو ڳوٺ جي مدرسي ‘جامعہ راشديه’ جو انتظام سنڀاليندڙ هو. سندس تصنيفات جو سلسلو گهڻو وسيع آهي. هن ماهوار رسالو ‘الھمايون ’ ۽ ماهانه ‘الاسلام’ جاري ڪيا. هن جي تاليف ڪيل ڪتابن ۾ ‘البلاع المبين’، ‘الحق المريح’، ‘سيف الرحمان على اعداء القرآن’، ‘السيف المسلول على اعداء آل الرسول’، ‘اقامة البرهان’، ‘اصارم الرباني على ڪرشن القادياني’، ‘فتاوى الهمايوني’، ‘عشرہ عمله’، ‘مدلل فتوي جواز عرس و ميلا’، ‘اخلاق النبي صلي ﷲ عليہ وسلم’، ‘سما موتي جو مدلل بحث’، ‘وهابي شفاعت جا مفڪر آهن’، ‘گستاخ وهابين جا جواب’، ‘الستول بہ سيد الرسل الخالق الڪل’ (اردو)، ‘ست پرڪاش’ (آرين جي ترديد ۾)، ‘مطالبه حق’ (آرين جي تريد ۾: اردو) ‘رسالو اهم فتوى’، ‘تعمير مساجڪ اهم فتوى’ ۽ ‘رساله تعداد ازواج’ قابل ذڪر آهن.