صاحب بن عبدالرحمان

صاحب بن عبدالرحمان: محمد بن قاسم جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو تہ حڪمت عملي تحت پنھنجي فوج کي پنجن حصن ۾ ورهايائين، جنهن جي مھڙ جو مهندار بن عبدالرحمان'>صاحب بن عبدالرحمان کي مقرر ڪيائين، ساڄي پاسي عطيہ بن سعد ۽ کاٻي پاسي موسيٰ بن نسان، وچ تي خود محمد بن قاسم ۽ پوئين حصي تي جهم بن زهر الجعفي کي مقرر ڪيائين. بن عبدالرحمان'>صاحب بن عبدالرحمان هڪ نهايت ئي بھادر ۽ آزمودگار فوجي هو ۽ هن عراق ۽ ايران ۾ ڪيترين ئي جنگين ۾ وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا هئا. سنڌ کي فتح ڪرڻ ۾ صاحب بن عبد الرحمان وڏا ڪارناما ڏيکاريا. هن فوج جي بچاءَ لاءِ خندقون کوٽرايون ۽ منجنيفن وسيلي مختلف قلعن تي وڏن پٿرن سان وسڪارو ڪري، سنڌ جي راجا ڏاهر جي فوج کي ڪمزور ڪيائين.


لفظ صاحب بن عبدالرحمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو