صاحب دولت مائي

صاحب دولت، مائي: سنڌ جي ڪلهوڙي حاڪم ميان غلام شاھہ ڪيتريون ئي شاديون ڪيون، سندس هڪ گهرواري ڪڇ جي راءِ خاندان مان هئي. پر احوال صرف هڪ بيگم، مائي بھو بيگم جو ملي ٿو، جنهن جو لقب ‘صاحب دولت مائي’ هو. عام ماڻهو ۽ سلطنت جا وزير، امير پڻ هن کي ‘صاحب دولت’ جي نالي سان سڏيندا هئا. هيءَ جان نثار گوجر جي ڌيءُ ۽ نواب الھداد خان گوجر جي سڳي ڀيڻ هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو