
صادق آباد
صادق آباد: پنجاب جي ضلعي رحيم يار خان جو اهم شهر، جنهن کي تعلقي جو درجو مليل آهي ۽ اهو پنجاب ۽ سنڌ جي سنگم تي واقع آهي. جاگرافيائي طور تي هيءُ بھاولپور جو حصو هو. ڀارت جي سرحد هتان کان تقريباً 20 ميلن جي فاصلي تي آهي. هيءُ شھر رحيم يار خان کان صرف 14 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. هن شھر جو بنياد نومبر 1748ع ۾ امير بھاولپور صادق محمد خان عباسيءَ رکيو، جنهن جي نالي سان ‘صادق آباد’ مشھور ٿيو. ان جو بنياد پوڻ کان اڳ احمد پور هن تعلقي جو مرڪزي هنڌ هو. هن شھر تڪڙي ترقي ڪئي. هي صنعت توڙي واپار جو مرڪز آهي. هتي ڪيتريون ئي آئل ملون، ڪپھہ جون ملون، ڌاڳي جا ڪارخانا، شگر مِلون وغيرہ آهن. فوجي فائونڊيشن جي ايشيا جي وڏي ڀاڻ جي فيڪٽري ايف.ايف.سي، دوائون ٺاهيندڙ ڪمپني اسٽاريڪس ليبارٽريءَ کان علاوہ بوتلن واريون کير تيار ڪندڙ فيڪٽريون بہ وڏي تعداد ۾ واقع آهن. ديني تعليم لاءِ بہ ڪيترائي مدرسا آهن، جن ۾: مدرسہ نور القرآن، دار العلوم مدينه، مدرسہ رفيق العلماءُ، مدرسہ عربيه فيض الاسلام، مدرسہ عربيه رشيد وغيرہ شامل آهن. هتي اسڪول، ڪاليج ۽ اعلى تعليمي ادارا پڻ آهن. صادق آباد ۾ ڪيتريون ئي تاريخي جايون پڻ آهن، جن ۾ ڀونگ جي مسجد ۽ قديمي تاريخي قلعو اهم آهن.