صادق خان: اڪبر بادشاھہ جي حڪم تي عبدالرحيم خان خانان، 999ھہ/ 1590ع ۾ سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ سنڌ تي حملو ڪيو ۽ ڪامياب ٿيو، پر عبدالرحيم خان خانان کان اڳ ۾ اڪبر بادشاھہ پنھنجي هڪ ٻئي امير صادق خان کي سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ موڪليو، پر صادق خان جي شڪست کان پوءِ اڪبر بادشاھہ عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ موڪليو، جيڪو ڪامياب ٿيو. تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي تہ عبدالرحيم خان خانان پاڻ کان اڳ صادق خان جي شڪست سبب وهم ۾ مبتلا هو ۽ سنڌ ڏانهن ويندي توڙي سنڌ اندر جتي جتي بہ ڪنهن بزرگ جو ٿي ٻڌائين، تہ اوڏانهن وڃي دعا ڪرائيندو ٿي رهيو.