صادق ميمڻ

صادق ميمڻ: سماجي ڪارڪن حاجي محمد صادق ميمڻ، 10 جون 1919ع تي نصرپور، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو. سندس والدين پورهيت هئا. هو زرعي ڪاليج سڪرنڊ مان ڊپلوما ڪري تعليم کاتي ۾ ڪلارڪ مقرر ٿيو. اڳتي هلي سپروائيزر ٿيو. 1943ع ۾ نوڪري ڇڏي سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ لڳو. نصرپور جي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ لاءِ جاکوڙ ڪيائين ۽ نصرپور ۾ ٻہ پرائمري اسڪول قائم ڪرايائين. ان بعد 1947ع ۾ نصرپور مان لڏي ٽنڊي الهيار ۾ رهائش اختيار ڪيائين. بعد ۾ حاجي صادق، دوستن جي سهڪار سان ٽرانسپورٽ جو ڌنڌو اختيار ڪيو، جنهن بعد ٽنڊي الهيار جي سياست ۾ سرگرم ٿيو. 1952ع ۾ ميونسپالٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. هي ڪيترن ئي هوشيار شاگردن کي اسڪالرشپون ڏئي اڳتي پڙهڻ لاءِ همٿائيندو هو. سندس اهڙو هڪ شاگرد سراج ميمڻ هو، جنهن جي ميٽرڪ ۾ پوزيشن حاصل ڪرڻ تي اخبار ۾ ڇپيل تصوير ڏسي سندس اسڪول ذريعي ساڻس رابطو ڪري، ٽنڊي الهيار ۾ پنھنجي اسڪول ۾ استاد ڪري رکيائين. منجهس علمي ادبي ذوق ڏسي محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي پريس ۾ ملازم رکرايائينس، جتي هن ڪيئي ڪتاب لکيا ۽ ترجمو ڪيا. اهڙا ٻيا بہ ڪيترائي شاگرد هن جي سرپرستيءَ هيٺ رهيا ۽ پڙهي ڪامياب انسان ٿيا. هو هڪ سخي ۽ نيڪ انسان هو. هن ٽنڊي الهيار ۾ ‘الھلال’ پرنٽنگ پريس قائم ڪري ’الھلال‘ اخبار پڻ جاري ڪئي. پاڻ ٽنڊو الهيار ميونسپالٽيءَ جو اعزازي منتظم، تعلقي ڪوآپريٽو بئنڪ جو ڊائريڪٽر، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ چيئرمين بہ رهيو. بئنڪ ۽ ميونسپالٽيءَ ۾ هجڻ دوران شھر ۽ ٻهراڙي جي عوام جي وڏي خدمت ڪيائين. مختلف ڳوٺن ۾ پوسٽ آفيسون کولرايائين، شھر جي مڊل اسڪول کي هاءِ اسڪول جو درجو ڏياريائين، پريم نگر پاڙي جي مسجد کي جامع مسجد جو درجو ڏياري مسجد جي آمدني لاءِ دڪان ٺهرايائين. ايس.ايم آرٽس ڪائونسل قائم ڪرايائين، ميونسپال باغ کي خوبصورت تفريح گاھہ ۾ تبديل ڪرايائين ۽ ان کانسواءِ ٻيا بہ ڪيترائي سماجي ۽ تعليم جي ترقي لاءِ ڪم ڪيائين. کيس ادب سان گهڻو چاھہ هوندو هو، مشاعرا ۽ موسيقي جون محفلون منعقد ڪرائيندو هو. ڪيترن ئي اديبن ۽ شاگردن کي وظيفا پڻ ڏيارائين. پاڻ 1965ع ۾ حج ڪرڻ ويو ۽ حج جي ادائگيءَ بعد اتي ئي وفات ڪيائين. کيس ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو اولاد ٿيو.


لفظ صادق ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1919.06.10  عيسوي

سماجي ڪارڪن حاجي محمد صادق ميمڻ، 10 جون 1919ع تي نصرپور، ضلعي مٽياريءَ ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٽيٽم ايڊوارڊ ايل
اسلم خيرپوري
ڀڳوان اٽلاڻي
نواب احمد خان لغاري
خواجہ غلام محمد نقشبندي
بابا بنکنڊي مهراج
عبدالحميد آخوند
زبيدہ خاتون
ڏهراج محمد عبدالعزيز
ضيا سرحدي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون