صارم همداني: محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. جڏهن راجا ڏاهر ۽ محمد بن قاسم آمهون سامهون ٿيا، تڏهن محمد بن قاسم پنھنجي خاص جنگي ماهر صارم همداني کي جهنڊو هٿ ۾ ڏئي لشڪر جي آڏو بيهاريو ۽ جڏهن جنگ شروع ٿي تڏهن صارم همداني پنھنجي لشڪر کي وٺي مھا راجا ڏاهر جي لشڪر سان وڙهڻ لڳو. جنگ کان پوءِ جئسينه بن ڏاهر ويڙھہ ڪندو رهيو. اهو ڏسي محمد بن قاسم صارم همداني کي لشڪر ڏئي جئسينه جي ويڙھہ کي ختم ڪرڻ لاءِ موڪليو، پر جيستائين صارم همداني جئسينه جي ويجهو پڄي، تيستائين هو سنڌ جي حدن مان نڪري چڪو هو ۽ صارم همداني واپس اچي محمد بن قاسم کي سڄي ڳالھہ کان آگاھہ ڪيو.