صافات سورة

صافات (سورة): صافات قرآن مجيد جي 37هين سورة آهي. هن سورة ۾ پنج رڪوع ۽ 182 آيتون آهن ۽ هي مڪي شريف ۾ نازل ٿي. هن سورت جي پهرئين رڪوع ۾ توحيد جي غلبي جي ڳالھہ ڪئي وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي تہ جنهن پيغمبر صلي عليہ وسلم جي باري ۾ اوهان جيڪي غير ضروري خبرون ڪري رهيا آهيو، تمام جلدي اوهان ڏسندا تہ اهو اوهان سڀني تي غالب ٿيندو. اڳتي موحدن ۽ مشرڪن جي انجام ۽ مقابلي جو ذڪر آهي تہ تعاليٰ ڪهڙيءَ ريت پنھنجي وفادار ٻانهن کي نوازيو آهي ۽ سندس انڪار ڪندڙن کي سزا ڏني آهي. ان کانپوءِ اڳين رسولن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ اتي بہ مقابلي طور مڃيندڙن ۽ نہ مڃيندڙن بابت انجام جي ڳالھہ ڪئي وئي آهي. انهي سلسلي ۾ حضرت اسماعيل عليہ السلام جي قربانيءَ جو بہ ذڪر ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ مسلمانن کي سبق ڏنو ويو آهي تہ هڪ مؤمن کي ڪهڙيءَ ريت تعاليٰ جي رضا لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهہ قربان ڪرڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. آخري آيتن ۾ هيءَ پيشن گوئي بہ ڪئي وئي آهي تہ آخرڪار حضور نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن ئي فتحمند ٿيندا ۽ مؤمنن کي سندن مخالفن تي غالب ڪيو ويندو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو