صالحات

صالحات: هن جي لفظي معنيٰ ‘سٺا يا چڱا ڪم، پاڪدامن ۽ نيڪ عورتون’ آهي. اسلام ۾ چڱن ۽ نيڪ ڪمن جي جزا ايمان سان ڳنڍيل آهي. يعني جيڪڏهن چڱن ڪمن جو بنياد تعاليٰ تي ايمان ناهي تہ دوزخ جي باھہ کان بچڻ ۾ شڪ آهي. جيئن تہ ايمان کان سواءِ چڱن ڪمن جو منڍ يا رستو مقرر ناهي هوندو، تنهنڪري چيو ويو آهي تہ بنا رستي جي چڱا عمل ڪنهن نيڪ ماڻهوءَ کي (آخرت ۾) فائدو پهچائڻ کان وانجهيل آهن. ان ڪري چڱن عملن سان ايمان جو شرط اهڙو آهي، جيڪو کيس محشر جي ڏينهن دوزخ جي باھہ کان بچائي ٿو. مطلب تہ ايمان ۽ عقيدي سان ڪيل چڱن ڪمن کي صالحات چيو وڃي ٿو.


لفظ صالحاتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو