صالح بن عبدالرحمــٰن: صالح بن عبدالرحمان عراق جو عامل هو، جنهن محمد بن قاسم کي قيد ۾ ايذاءَ، بک ۽ اُڃ ۾ ماري ڇڏيو هو. ان بابت ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ‘سنڌ (عرب دؤر)’ ۾ ڄاڻائي ٿو ته، “محمد بن قاسم جي زوال جو سبب حجاج بن يوسف هو. سليمان بن عبدالملڪ ۽ حجاج ۾ پراڻي دشمني هئي، اهو ان ڪري جو حجاج، وليد بن عبدالملڪ جو مک صلاحڪار هو ۽ هميشه وليد کي اها صلاح ڏيندو رهيو ته وراثت واري دستاويز کي منسوخ ڪري، سليمان بن عبدالملڪ جو نالو ان مان ڪڍي ڇڏي. اها دشمني وڌندي رهي تان جو حجاج جو موت 95هه/ 714ع ۾ ٿيو ۽ جلد وليد بن عبدالملڪ به گذاري ويو. وليد جي مرڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ سليمان بن عبدالملڪ اسلامي دنيا جو خليفو بنيو ۽ هن اچڻ شرط پهرين حجاج بن يوسف جي قبر کوٽائي ۽ ان جا هڏا ڪڍي باهه ۾ ساڙيا. هن عراق جو عامل (ڪليڪٽر) صلاح بن عبدالرحمٰن کي مقرر ڪيو. سليمان بن عبدالملڪ ترت محمد بن قاسم کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ ان کي گرفتار ڪري عراق جي عملدار بن عبدالرحمــٰن'>صالح بن عبدالرحمــٰن جي حوالي ڪيو. جنهن جي پڻ حجاج سان پراڻي دشمني هئي. صالح گرفتاريءَ کان پوءِ محمد بن قاسم کي زندان ۾ اڇلارائي ڇڏيو، جتي هن کي روزانو ڦٽڪن جي سزا ڏني ويندي هئي ۽ اڃيو بکيو رکيو ويندو هو. محمد بن قاسم جي ڦٽڪن جي گهڻي مار سبب کل لهي وئي ۽ هو انهيءَ حالت ۾ مار کائيندي کائيندي مري ويو. بن عبدالرحمــٰن'>صالح بن عبدالرحمــٰن اها ڪارروائي انتقام وٺڻ خاطر ڪئي، ڇاڪاڻ ته سندس ڀاءُ آدم بن عبدالرحمــٰن کي حجاج بن يوسف، خارجي هئڻ جي شڪ ۾ ساڳيءَ ريت زندان ۾ قتل ڪرايو هو.”
خليفي سليمان سمورن قيدين کي صالح بن عبد الرحمٰن جي حوالي ڪيو، جنهن کي خاص طور تي حجاج بن يوسف جي قبيلي جي ماڻهن کي قيد ۾ چيچلائي مارڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. صالح بن عبدالرحمٰن هنن قيدين کي عذاب ۽ مصيبتون ڏيڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، جنهن سبب سمورا قيدي قيد ۾ مري ويا.