صالح بيگ مرزا ترخان ثاني

صالح بيگ مرزا ترخان (ثاني): سنڌ جي حڪمران ترخان گهراڻي جو، هي آخري سرگرم ڪردار آهي، جنهن کي تاريخن ۾ ياد ڪيو ويو آهي. ان بعد هي خاندان تاريخ جي صفحن تان غائب ٿيندو ويو. سنڌ جي نامور تاريخدان پير حسام الدين راشديءَ، مختلف تاريخي ماخذن تان، صالح بيگ ترخان جي باري ۾ مواد گڏ ڪري، پڙهندڙن جي لاءِ آساني پيدا ڪئي آهي. مرزا محمد صالح جو نسبي سلسلو هن ريت آهي: مرزا محمد صالح ولد مرزا عيسيٰ (ٻيو)، ولد مرزا جان بابا (اول)، ولد مرزا عيسيٰ ترخان (اول). ياد رهي ته مرزا عيسيٰ اول، سنڌ جو پهريون ترخان حاڪم ٿي گذريو. سن 1009هه/ 1600ع ۾، مرزا جاني بيگ ترخان جي وفات کان پوءِ، سندس پٽ مرزا غازي بيگ ٺٽي جو حاڪم ٿيو. جيئن ته مرزا غازي عمر ۾ ننڍو هو، ان ڪري اميرن هن جي خلاف بغاوت ڪئي. ان ڏس ۾ خسرو چرڪس، ۽ مرزا عيسيٰ (ٻيو)، گهڻو سرگرم رهيا. غازي بيگ کي اها خبر پئي ته، ٻنهي جي قتل جو حڪم ڏنائين. مرزا عيسيٰ ٺٽو ڇڏي عمرڪوٽ پهتو، ۽ اتان مغل شاهي درٻار ۾ پهچي، بادشاهي ملازمت ۾ شامل ٿي ويو. البت خسرو چرڪس ڪنهن طرح بچي ويو، ۽ ٺٽي جي درٻار ۾ رهيو. مرزا عيسيٰ گهڻو وقت مغل درٻار جي خدمت ڪئي. شاهجهان جي دور ۾ پاڻ صوبي گجرات جو گورنر رهيو. سندس ملازمت جو گهڻو عرصو به هن صوبي ۾ گذريو. وڏي عمر ۾ ملازمت کي ترڪ ڪري آرام ڪرڻ جو سوچيائين. هن جي رٽائرمينٽ وقت شاهجهان بادشاهه هو. هي واقعو 1061هه/ 1650ع جو آهي. سندس پٽ کي سُورت (بندر) ۾ مقرر ڪيو ويو. مرزا عيسيٰ لاءِ حڪم آيو ته، پاڻ اچي شاهي درٻار ۾ بادشاهه سان ملي. مرزا عيسيٰ ان سفر لاءِ نڪتو، پر سانڀر وٽ اچانڪ فوت ٿيو. اتان کان سندس لاش کڻي اچي، مڪليءَ تي ان عاليشان مقبري ۾ دفن ڪيو ويو، جو هن پنهنجي ابدي آرام لاءِ پاڻ ٺهرايو هو. مرزا محمد صالح کي والد جي زنده هوندي، شاهجهان شاهي ملازمت ۾ آندو هو. سندس مقرري محرم 1052هه/ مارچ 1642ع ۾ ٿي هئي. سن 1061هه/ 1650ع ۾ محمد صالح والد جي جاءِ تي سورٺ جو فوجدار مقرر ٿيو. ان کان اڳ محرم 1057هه/ جنوري 1647ع ۾، مرزا صالح جي مَنصب ۾ به اضافو ڪيو ويو هو. سال 1064هه/ 1653ع ۾ هن کي سورٺ واري عهدي تان فارغ ڪيو ويو. واندڪائيءَ جي دور ۾، هو ‘راڌڻ پور’ واري جاگير ۾ رهي پيو. پاڻ اٽڪل روءِ ٻه سال جاگير تي رهيو. ان دور ۾ هن کي پنهنجو خاندان، ۽ ان جي تاريخ ياد آئي. ان ڪري هن ٺٽي مان ڪتاب ‘ترخان نامو’ هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ليڪن ڳولا جي باوجود به اهڙو ڪو ڪتاب نه ملي سگهيو. مرزا صالح جي خواهش تي سندس عزيز سيد مير محمد مختلف ڪتابن، روايتن ۽ ذاتي ڄاڻ جي آڌار تي هڪ ڪتاب ‘ترخان نامو’ تيار ڪيو. اهو ڪتاب مرزا محمد صالح ڏي موڪليو ويو. هي ڪتاب فارسي زبان ۾، سن 1065هه/ 1655ع ۾ لکيو ويو. لکندڙ ڪتاب جو انتساب، مرزا محمد صالح جي نالي تي ڪيو آهي. سن 1066هه/ 1656ع ۾، محمد صالح کي سيوهڻ جو فوجدار مقرر ڪيو ويو. هن جي منصب ۾ واڌ ڪري، ٻه هزاري ذات ۽ ٻه هزار سوار تي پهچايو ويو. مرزا بکر کان ٿيندو سيوهڻ پهتو. سڄو ملڪ ويران، عوام پريشان، بدامني ۽ لاقانونيت چوٽ تي، زمينون غيرآباد، ۽ ڳوٺ توڙي شهر ڀڙڀانگ ٿي چڪا هئا. مرزا سيوهڻ پهچي هڪ خط رستي، مغل شهنشاهه کي حالتن کان واقف ڪيو. مرزا صالح مرڪزي حڪومت کي، سيوهڻ جي حالتن جي اصلاح ۽ عوام جي فلاح لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. شاهجهان جو زوال شروع ٿي چڪو هو. رمضان 1068هه/ مئي 1658ع ۾، دارا ۽ اورنگزيب ۾، اقتدار جي جنگ شروع ٿي وئي. جنگ هلندي پناهه ۽ مدد لاءِ دارا سنڌ ڏي ڀاڄ کاڌي. محمد صالح کي حڪم ٿيو ته دارا، سيوهڻ طرف وڌي ته هن کي گرفتار ڪيو وڃي. ليڪن سيوهـڻ جو فوجدار مرزا محمد صالح ائين ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو. ان پس منظر ۾ 1069هه/ 1659ع ۾ محمد صالح کي معزول ڪيو ويو. ربيع الاول 1070هه/ نومبر 1659ع ۾، عالمگير عمر جا ايڪيتاليهه سال پورا ڪري، ٻائيتاليهين سال ۾ پير پاتو. ان موقعي تي سزا هيٺ آيل اميرن کي معافي ملي، ۽ کين منصبن يا عهدن تي بحال ڪيو ويو. محمد صالح جي خطا به معاف ٿي، ۽ هن کي درٻار ۾ حاضر ٿي ڪورنش بجا آڻڻ جي اجازت ملي. هن کي پندرهن صدي منصب به واپس ڪيو ويو. ان کان پوءِ مرزا محمد صالح دکن ۾، جدا جدا مهمن ۾، ناميارن اميرن سان گڏ ڏسجي ٿو. شيواجيءَ خلاف معرڪن ۾ به هن جو مکيه ڪردار رهيو. هن متعلق آخري اطلاع 1076هه/ 1655ع ۾ ملي ٿو. پاڻ بيجاپور مان موٽي اچي اورنگ آباد ۾ رهي پيو، يا ڪنهن جاگير تي ٽِڪي پيو. ان متعلق ڪو به اطلاع نه ٿو ملي. وفات ڪٿي ۽ ڪڏهن ڪيائين، اها ڄاڻ به نه ٿي ملي. مدفن مڪليءَ تي ٿيس، يا ڪٿي ٻي جاءِ تي، ان باري ۾ به ڪابه معلومات نه ٿي ملي. (مڪلي نامه، ص 363- 451، تان ورتل)


هن صفحي کي شيئر ڪريو