صالح حاجاڻو

صالح حاجاڻو: اتر سنڌ جي مشھور ملھہ پهلوان صالح حاجاڻي جو پورو نالو محمد صالح حاجاڻو آهي. سندس تعلق ڳوٺ عاقل، ضلعي لاڙڪاڻي سان اٿس. هن کي ملھہ جو شوق پنهنجن وڏن کان ورثي ۾ مليو. سندس خاندان ۾ ڪيترائي ملھہ پهلوان رهيا آهن، جڏهن تہ سندس ڀاءُ غلام حسين ۽ ڀائٽيو غلام قمبر پڻ سندس جوڙ جا پهلوان آهن. هن ملھہ جي سکيا الهڏني گوادري کان ورتي، جنهن کيس شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌي ملھہ وڙهڻ جي اجازت ڏني. هن ٽئي جوڙ ۾ مقامي ملاکڙن ۾ ڪيترن ئي پهلوانن سان مقابلا ڪري سرسي حاصل ڪئي. جنهن بعد ٻئي جو ڙ ۾ شامل ٿيو. هن شير ميربحر، شير گوپانگ، قلب علي جتوئي، يڪي خاصخيلي، غوث بخش ڪلهوڙي، جمعدار رحيم سميت ڪيترن ئي مقبول پهلوانن سان مقابلا ڪيا. کيس ڪيترائي انعام پڻ مليل آهن. پاڻ هميشہ اتر جي پهلوانن کي ملھہ جي سکيا ڏنائين. سندس شاگردن مان سومر ميربحر گهڻو مقبول ٿيو. هن جو هڪ پنهنجو گروپ هوندو هو، جيڪو ‘حاجاڻي جي ٽولي’ جي نالي سان ڪافي مقبول ٿيو. صالح حاجاڻي لاڳيتو 25 سال ملھہ وڙهڻ کانپوءِ 1981ع ڌاري ملھہ وڙهڻ ڇڏي ڏني.


لفظ صالح حاجاڻوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو