وفا صالح راڄپر

وفا صالح راڄپر

صالح راڄپر وفا

صالح راڄپر، وفا: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ صحافي وفا صالح راڄپر جو اصل نالو محمد صالح راڄپر آهي. هن 16 نومبر 1975ع تي ڳوٺ وڏي واهڻي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد عثمان راڄپر جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول وڏي واهڻيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊھہ مان ۽ انٽر گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان ڪيائين. شاعري توڙي نثر ۾ لکڻ جو آغاز 99- 1998ع ڌاري ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ وڏي وهڻي جو ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊھہ جو ڪائونسلر، خزانچي، آڊيٽر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. کيس لکڻ پڙهڻ سان گهرو چاھہ رهيو آهي. ڪيترن ئي رسالن سان پڻ وابستہ رهيو آهي. جنهن ۾ ماهوار ‘سنڌ رائيٽر’ باڊھہ جو ايڊيٽر، ماهوار ‘رم جهمدادو جو سب ايڊيٽر ۽ ماهوار ‘سمونڊ’ ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘دردن ڦولاريا ڦول’ (2015) ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ‘ارپڻ کان رهجي ويل محبت’ (2017ع) شايع ٿي چڪا آهن. کيس سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ سنڌ رنگ ڊائجسٽ حيدرآباد پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ مليا آهن. پاڻ روزاني سنڌ، جيجل ۽ آسرو لاءِ باڊھہ جي نمائندي جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهي رهيو آهي. باڊھہ ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.11.16  عيسوي

وفا صالح راڄپر 16 نومبر 1975ع تي ڳوٺ وڏي واهڻي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد عثمان راڄپر جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

محمد خان مسرور سيال
اسد بيگ اسد مرزا
اختر انصاري اڪبرآبادي
حافظ محمد هارون دلگير ٽکڙائي
رجب آزاد
حڪيم محمد صادق طالب
ابو طالب اعواڻ قطب شاھي
صابر موچي
شبنم موتي
آخوند عبدالقادر بيدل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون