وفا صالح راڄپر

وفا صالح راڄپر

صالح راڄپر وفا

صالح راڄپر، وفا: شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ صحافي وفا صالح راڄپر جو اصل نالو محمد صالح راڄپر آهي. هن 16 نومبر 1975ع تي ڳوٺ وڏي واهڻي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد عثمان راڄپر جي گهر ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم پرائمري اسڪول وڏي واهڻيءَ مان حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول باڊهه مان ۽ انٽر گورنمينٽ حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج ڏوڪريءَ مان ڪيائين. شاعري توڙي نثر ۾ لکڻ جو آغاز 99- 1998ع ڌاري ڪيائين. پاڻ سنڌي ادبي سنگت شاخ وڏي وهڻي جو ڪائونسلر ۽ سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت شاخ باڊهه جو ڪائونسلر، خزانچي، آڊيٽر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. کيس لکڻ پڙهڻ سان گهرو چاهه رهيو آهي. ڪيترن ئي رسالن سان پڻ وابسته رهيو آهي. جنهن ۾ ماهوار ‘سنڌ رائيٽر’ باڊهه جو ايڊيٽر، ماهوار ‘رم جهمدادو جو سب ايڊيٽر ۽ ماهوار ‘سمونڊ’ ڪراچيءَ جو سب ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ‘دردن ڦولاريا ڦول’ (2015) ۽ ڪهاڻين جو مجموعو ‘ارپڻ کان رهجي ويل محبت’ (2017ع) شايع ٿي چڪا آهن. کيس سنڌي ادبي سنگت مرڪز پاران اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ سنڌ رنگ ڊائجسٽ حيدرآباد پاران مڃتا سرٽيفڪيٽ مليا آهن. پاڻ روزاني سنڌ، جيجل ۽ آسرو لاءِ باڊهه جي نمائندي جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهي رهيو آهي. باڊهه ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.11.16  عيسوي

وفا صالح راڄپر 16 نومبر 1975ع تي ڳوٺ وڏي واهڻي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ محمد عثمان راڄپر جي گهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شبير هاليپوٽو
عـبـدالرئـوف عـاصـي
بدر شاهه
بيدل فقير
ڀٽو مدهوش
محمد حسين شوقي ٺٽوي
رمضان نول
بلاول پرديسي
سلطان شاهه:
راڄڙ سرفراز
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون