صالح عباسي

صالح عباسي

صالح عباسي

صالح عباسي: ناليواري اداڪار، اديب ۽ سگهڙ صالح عباسيءَ جو پورو نالو محمد صالح عباسي آهي. سندس جنم 20 جولاءِ 1980ع تي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس تعليم ماسٽرس آهي. کيس ننڍپڻ کان اداڪاريءَ جو شوق هو، هُن ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جي شروعات اسٽيج ڊرامن کان ڪئي. سندس پهريون اسٽيج ڊراموجاگير’ هو. سندس مشھور اسٽيج ڊرامن ۾ ‘سنڌ جا پٽ’، ‘بلڊ آف سنڌ’، ‘فيصلو’، ‘جاڳ ڀٽائي گهوٽ’، ‘دما دم مست قلندر’، ‘دشمن’، ‘کل تہ سھي’، ‘سارنگ’ وغيرہ. سنڌي ٽي. وي چئنل تي نشر ٿيل ڊرامن ۾ ‘يتيم’، ‘ڪوڙڪي’ ۽ ٽيلي فلم ‘گوريلا’ قابل ذڪر آهن. صالح عباسي سٺو ريڊيو آرٽسٽ، ڪمپيئر، صحافي ۽ سگهڙ پڻ آهي. هن ڪيترو وقت ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي تي لوڪ ادب جي حوالي سان پروگرام ڪيا آهن. صالح عباسي روزاني فاسٽ ٽائيمز لاڙڪاڻي ۾ ادبي صفحي جو انچارج هجڻ سميت روزانو هڪ اديبن جو خاڪو لکندو رهي ٿو. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ‘روح جون رولاڪيون’ 2016ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. کيس مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ ملي چڪا آهن. هي لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ صالح عباسيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1980.07.20  عيسوي

صالح عباسي جو جنم 20 جولاءِ 1980ع تي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙي، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جميلا بوپاشا
احمد حسين اي قاضي
آسن داس
رحيم فقير ڪلهوڙو
احسان بدوي
اربندو گهوش
جانڪي دادي
رضوي سيد بلال شاھہ
بن بلا/بن باالله
پريمچند ڪيولرام شھاڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون