صالح فقير گوهري

صالح فقير گوهري: هيءُ شاھہ لطيف جو عقيدتمند مريد ۽ شاعر هو. محمد خان زرداري پنھنجي ڪتاب ‘لطيفي رنگ رهاڻ’ ۾ لکيو آهي تہ: “خليفو صالح فقير ذات جو مڱريو ۽ جڙهوٽ مڪان جو رهاڪو هو.” پر عام روايتن مان معلوم ٿئي ٿو تہ هو ڪڇ جي ڳوٺ گوهر شريف جو رهاڪو هو. شاھہ لطيف جڏهن سفر دوران ڪڇ ويو تہ اتي ڳوٺ گوهر شريف ۾ ڪڇ جي مشھور شاعر صالح فقير سان ملاقات ٿيس، جيڪو بعد ۾ سندس مريد ٿيو ۽ گڏجي سنڌ آيو، جتي شاھہ صاحب جي خدمت ڪرڻ لڳو. هڪ دفعي شاھہ صاحب تلهار ويو، جنهن جي خبر راڄو خاناڻي سميت ٻين ڳوٺن ۾ پئي، ماڻهو شاھہ صاحب جي سڪ ۽ اڪير ۾ تلهار پهچڻ شروع ٿي ويا، تڏهن صالح فقير گوهري اهڙي صورتحال کي ڏسي شعر چيو تہ: جنهن ڏٺو لال لطيف کي، آيو تنهن آرامپري ڀڄو پانڌيا، گوهر سندي گام ڪو نہ رهيو ڪو خام، سڀ سکيا ٿيا صالح چوي. هو شاھہ صاحب سان محبت سبب هميشہ لاءِ اچي وٽس وٽ رهي پيو، هن شاھہ صاحب جي ثناء ۽ سڪ ۾ تمام گهڻا بيت چيا. سندس ذڪر ڀٽ ڌڻي سـُر ڌناسري ۾ ڪيو آهي. شاھہ صاحب جي وفات بعد هو فقير بہ گهڻو وقت زندہ نہ رهيو ۽ جلد سندس وفات ٿي.


لفظ صالح فقير گوهريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو