صبغت الاسلام مدرسي جي لائبريري سانگهڙ

صبغت الاسلام مدرسي جي لائبريري، سانگهڙ: مدرسي جامعہ راشديه جي شاخ مدرسو صبغت الالسلام سانگهڙ شھر ۾ 1960ع ۾ قائم ٿيو. مدرسي جي قائم ٿيڻ کان ڪجهہ سال پوءِ لائبرريءَ جو وجود پيو. جتي مختلف علمي ادبي ۽ تحقيقي موضوعن، شاعري، فلسفي، حديث، قرآن جي تفسيرن ۽ ناياب قلمي نسخن سميت ٻيا ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، جن جو تعداد 4000 هزار کان وڌيڪ آهي. هيءَ لائبرري مدرسي جي انتظاميہ جي هٿ هيٺ آهي. لائبرريءَ لاءِ مخصوص فنڊ نہ آهي، جڏهن تہ ڪتابن جي خريداري مدرسي جي فنڊ مان ڪئي ويندي آهي. هن لائبريري ۽ مدرسي جو سربراھہ هن وقت حافظ رسول بخش وساڻ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو