صبغت ﷲ انڍڙ ڊاڪٽر

صبغت ﷲ انڍڙ ڊاڪٽر: ڊاڪٽر صبغت ﷲ انڍڙ تعلقي پني عاقل ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ پهرين فيبروري 1952ع تي ڄائو. ڊاڪٽر صبغت ﷲ انٽر کان ايل. ايل. بي تائين خانگي طور امتحان ڏنا. ان کان سواءِ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم. اي بہ ڪئي آهي. هن 1994ع ۾ علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس پي. ايڇ. ڊي مقالي جو عنوان ’شيخ حماد ﷲ‘ ڪامل روحاني ۽ مذهبي رهنما‘ هو. ڊاڪٽر صبغت ﷲ 1979ع ۾ ايئرفورس ۾ شامل ٿيو ۽ 1995ع ۾ وارنٽ آفيسر طور رٽائر ٿيو. سندس مضمون ۽ مقالا سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هي ماهوار رسالي ’سائنسي ڄاڻ‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو. النور ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جو چيئرمئن ۽ سکر هسٽاريڪل سوسائٽي جو باني ميمبر پڻ آهي، سندس هڪ ڪتاب ’ڏٺي ڏينهن ٿيا‘ڇپيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.02.1952  عيسوي

ڊاڪٽر صبغت الله انڍڙ تعلقي پني عاقل ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ پهرين فيبروري 1952ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رسول بخش خان مغل
طالب حسين مغل
محمد يوسف سڪندري ڀنڀرو
ڀاڳ ڀان
ڀائي مردانا
ڪلال
سحر گل ڊاڪٽر
درويش راڄو ستيو دل
ڌامراهوعبدالرحمان مولانا
شھاب الدين حڪيم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون