صبغت ﷲ انڍڙ ڊاڪٽر

صبغت انڍڙ ڊاڪٽر: ڊاڪٽر صبغت انڍڙ تعلقي پني عاقل ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ پهرين فيبروري 1952ع تي ڄائو. ڊاڪٽر صبغت انٽر کان ايل. ايل. بي تائين خانگي طور امتحان ڏنا. ان کان سواءِ اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم. اي بہ ڪئي آهي. هن 1994ع ۾ علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سندس پي. ايڇ. ڊي مقالي جو عنوان ’شيخ حماد ‘ ڪامل روحاني ۽ مذهبي رهنما‘ هو. ڊاڪٽر صبغت 1979ع ۾ ايئرفورس ۾ شامل ٿيو ۽ 1995ع ۾ وارنٽ آفيسر طور رٽائر ٿيو. سندس مضمون ۽ مقالا سنڌ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ ڇپبا رهيا آهن. هي ماهوار رسالي ’سائنسي ڄاڻ‘ جو ايڊيٽر بہ رهيو. النور ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جو چيئرمئن ۽ سکر هسٽاريڪل سوسائٽي جو باني ميمبر پڻ آهي، سندس هڪ ڪتاب ’ڏٺي ڏينهن ٿيا‘ڇپيل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

01.02.1952  عيسوي

ڊاڪٽر صبغت الله انڍڙ تعلقي پني عاقل ڳوٺ ابراهيم انڍڙ ۾ پهرين فيبروري 1952ع تي ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانچند درياڻي
ايوب فقير
تاج العاشقين محمد سنڌي
بھاءُ ﷲ بھائي
ابراهيم شاھہ وڄڙي
سنڌ ابن علي
اتم ديارام هنڱوراڻي
حڪيم ميان معين الدين کنياروي
عاصمه جھانگير
گل محمد گاد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون