صبيحا نذير مگسي

صبيحا نذير مگسي

صبيحا نذير مگسي

صبيحا نذير مگسي: اردو اديبا صبيحه نذير مگسي 24 مئي 1957ع تي مزنگ محلي، لاهور ۾ پيدا ٿي. هن انٽر تائين تعليم لاهور شھر ۾ حاصل ڪئي. 1976ع ۾ سندس شادي ناليواري اديب ڊاڪٽر لياقت مگسيءَ سان ٿي، جنهن بعد هوءَ دادو سنڌ ۾ رهائش پذير ٿي. هن ايم. اي سوشيالاجي سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي. 1985ع ۾ هن ماسٽرس ۾ مونوگراف ‘اسلام ۾ عورت ڪي حيثيت’ عنوان سان لکيو. ان کان سواءِ اڪانامڪس ۾ پڻ ماسٽرس ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد هوءَ سوشل ويلفيئر کاتي ۾ سوشل ويلفيئر آفيسر مقرر ٿي، جنهن تان 2017ع ۾ رٽائر ٿي. صبيحه کي سنڌي، اردو، سرائيڪي، پنجابي ۽ انگريزي ٻولين تي دسترس حاصل آهي. هن ڪيترائي تحقيقي مقالا پڻ لکيا آهن. سندس هڪ ڪتاب ‘اسلام ۾ عورت ڪي حيثيت’ 2017ع ۾ شايع ٿيو. سندس هڪ ڌيءَ ڊاڪٽر صائمه مگسي ناليواري ڊاڪٽر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1957.05.24  عيسوي

صبيحه نذير مگسي 24 مئي 1957ع تي مزنگ محلي، لاهور ۾ پيدا ٿي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شوڪت حسين شورو
عبدالڪريم ٻگهيوحاجي
انعام شيخ
چنا شبير ’ناز‘
ٺاڪر چاولا
ساگر ڏهراج
عيسيٰ ميمڻ
غلام رسول ڪلھوڙو
الطاف جوکيو ڊاڪٽر
غلام قادر سومرو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون