صبيحه خانم

صبيحه خانم

صبيحه خانم

صبيحه خانم: مشھور فلمي اداڪارہ صبيحه خانم گجرات ۾ پيدا ٿي. هن جي والد جو نالو محمد علي هو، جنهن جا ماهيا تمام گهڻا مشھور ٿيا. سندس والدہ بالو بہ پنھنجي وقت جي سٺي اداڪارہ هئي. قيام پاڪستان کانپوءِ هيءَ اسٽيج ۽ فلمي دنيا ۾ شامل ٿي وئي ۽ پهرين صف جي هيروئن بڻجي وئي. هن جي پهرين فلم ‘بيلي’ هئي، جيڪا ناڪام رهي. اُها فلم 1950ع ۾ رليز ٿي هئي. سندس پهرين ڪامياب فلم ‘دو آنسو’ هئي، جيڪا انور ڪمال پاشا ڊائريڪٽ ڪئي هئي. هيءَ فلم 1951ع ۾ رليز ٿي ۽ هن ڀارت جي اعلى فلمن جو مقابلو ڪيو. صبيحه خان ۽ سنتوش ڪمار جي جوڙي پنھنجي دور جي مقبول جوڙي هئي. هنن پاڻ ۾ شادي بہ ڪئي. هن اردو ۽ پنجابي ٻنهي زبانن جي فلمن ۾ ڪم ڪيو. هن کي 1957ع ۾ فلم ’سات لاک‘ ۽ 1963ع ۾ فلم ’شڪوہ‘ ۾ بھترين اداڪاري جا نگار اوارڊ مليا. سندس سلور جوبلي، گولڊن جوبلي، پلاٽينيم جوبلي ۽ ڊائمنڊ جوبلي فلمن جي فهرست بہ تمام وسيع آهي. سندس مشھور فلمن ۾: ‘دو آنسو’، ‘غلام’، ‘قاتل’، ‘گمنام’، ‘سرفروش’، ‘سلطنت’، ‘سردار’، ‘حميدہ’، ‘چوٿي بيگم’، ‘حاتم’، ‘آس پاس’، ‘داتا’، ‘عشق ليلى’، ‘مکڙا‘، ‘سات لاک’، ‘حسرت’، ‘تيري صورت’، ‘ميري آنکين’، ‘تھذيب’، ‘قسمت’، ‘ايڪ گناھہ اور سھي’، ‘اناڙي’، ‘پهچان’، ‘حيدر علي’ ۽ ‘دشمن ڪي تلاش’ وغيرہ قابل ذڪر آهن.


لفظ صبيحه خانمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو