صحرا
صحرا: هي زمين جي وڏي ايراضيءَ تي قدرتي طور قائم ٿيل اهڙا ويران ريگستاني علائقا آهن، جتي برسات تمام ٿوري مقدار ۾ پوي ٿي، جنهن ڪري نباتات سميت ٻين سمورن ساهوارن لاءِ اهڙن علائقن ۾ زندگي (حياتياتي سرشتو) قائم رهڻ تمام گھڻو مشڪل هجي ٿو. وڻڪاريءَ جي گهٽتائيءَ سبب صحرا (رڻ پٽ) جي کليل سطح تي مسلسل ڀڃ ڊاهه (weathering) جو عمل جاري رهي ٿو. مجموعي طور ڌرتي جو ٽيون حصو بنجر ۽ نيم بنجر ايراضي تي مشتمل آهي، ان ٽئين حصي ۾ گهڻو ڪري گهٽ برساتن وارا قطبي علائقا (جن کي سرد صحرا (Cold Desert) به چيو وڃي ٿو) اچي وڃن ٿا. صحرائن جي ترتيبوار ورڇ برساتن جي پوڻ/ مقدار، گرمي پد ۽ جاگرافيائي جاءِ وقوع (زمين جي ظاهري بيهڪ، ايراضي يا هنڌ) واري عمل جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. صحرا (بيابان، برپٽ، ريگستان)، مسلسل موسمياتي تبديلين ۽ ڏينهن رات جي وچ ۾ تيزيءَ سان بدلجندڙ گرمي پد جي ڪري ٽڪرين تي پوندڙ سخت داٻ سبب ڀڃ ڊاهه جي نتيجي ۾ ننڍڙن ذرڙن ۾ تبديل ٿي صحرا جي شڪل اختيار ڪري ٿو. جيتوڻيڪ صحرا ۾ برساتون غير معمولي حد تائين نٿيون پون، پر ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه صحرائي علائقن ۾ مينهن جي تيز وسڪاري سان اوچتي ٻوڏ پڻ اچي وڃي ٿي. گرم ٽڪرين تي اوچتو برسات جو پاڻي انهن علاعقن ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪارڻ بڻجي ٿو. نتيجي ۾ اهي ڀرندڙ ٽڪريون هوا جي ذريعي آهستي آهستي ميسارجي ۽ ڳري ننڍڙن ذرڙن جي صورت اختيار ڪري صحرا جي سطح تي پکڙجي وينديون آهن. هوا جي سخت داٻ سبب پيدا ٿيندڙ واچوڙا، واريءَ، ريتيءَ ۽ مٽيءَ جي انهن ذرڙن کي هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي منتقل ڪندا آهن. صحرا ۾ ملندڙ جاندارن (جانورن ۽ وڻن) کي سخت ماحول ۾ رهڻ لاءِ خاص موافقيت جي ضرورت هوندي آهي ۽ هو ماحول مطابق پاڻ ۾ تبديلي آڻي سگهندا آهن. صحرا جا وڻ گهڻو ڪري سخت، کهرا ۽ بنا پتن جي ٿيندا آهن. ڪي وقتي ٻوٽا برسات کانپوءِ پاڻمرادو ڦٽن ٿا ۽ ڪجهه هفتن جي اندر ئي سڙي ختم ٿي وڃن ٿا. جڏهن ته ڪي وڻ پاڙ جي مدد سان زمين جي گهرائي مان پاڻيٺ حاصل ڪري طويل عرصي تائين زنده رهڻ جي سگهه رکن ٿا، جنهن جو هڪ مثال ٿوهر جو وڻ آهي. صحرا ۾ رهندڙ جانور (خاص طور ريڙهيون پائيندڙ) ڏينهن جي وقت زمين جي اندر رهندا آهن ۽ پاڻي به پنهنجي شڪار ڪيل غذا مان ئي حاصل ڪندا آهن، جڏهن ته ڪجهه جانور ڪافي عرصي تائين ساڪت (سانت يا چپ) واري حالت ۾ رهن ٿا ۽ برسات کانپوءِ حرڪت ۾ اچي تيزيءَ سان واڌ ويجهه ڪن ٿا. انسان صدين کان صحرا ۽ ان جي آس پاس جي نيم بنجر ايراضي تي رهڻ لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيو آهي. خانه بدوش/لاڏائو ٽولن پنهنجي ڌڻ ۽ چوپائي مال جو رخ هميشه صحرائن ڏانهن ڪيو، ڇالاءِ ته اتي سندن مال متاع لاءِ کين چراگاهه ميسر هئا ۽ صحرا ۾ اها سهولت خيابان (ريگستان ۾ ڪو سرسبز ٽڪرو، جتي پاڻي به موجود هجي) سبب ميسر ٿيندي هئي. موجوده وقت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان صحرا ۾ فصل پوکڻ جا تجربا ڪيا پيا وڃن. صحرائي پوک (Desert Farming) جو هڪ بهترين مثال ڪئليفورنيا جو امپريئل ويلي(Imperial valley) وارو علائقو آهي، جتي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان صدين کان بنجر پيل زمين کي زرخيز ۽ آباد بڻايو ويو آهي. ان کان سواءِ ڪيترائي ئي تجارتي رستا انهن صحرائن مان ٿيندي گذرن ٿا، خاص طور صحارا ريگستان (صحرا) مان صدين کان وٺي اٺن جا قافلا، سون، لوڻ، عاج، غلامن جو ججهو تعداد ۽ ٻيون ڪيتريون ئي تجارتي شيون هڪ ملڪ توڙي خطي کان ٻئي ملڪ ۽ خطي تائين پهچائڻ جو ذريعو (رستو) رهندا پئي آيا آهن. صحرا لاتعداد قيمتي معدني وسيلن جو مرڪز پڻ آهن، صحرا کي سج جي مسلسل تپش ۽ گرمي پد جي شديد هئڻ سبب شمسي توانائي حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. صحرا، ڌرتيءَ جي گرمي پد کي اعتدال ۾ رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هي سج جي شعاعن/ روشنيءَ کي جهنگ ۽ سمنڊ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان موٽائين ٿا. مجموعي طور ڌرتي جو ٽيون حصو صحرائن تي مشتمل آهي، جن مان ڏهه اهم ۽ وڏا صحرا هي آهن:
صحرا جو نالو هنڌ (ايراضي (ڪ. م)
1.ائنٽارڪٽڪ ريگستان ائنٽارڪٽڪ 14،200،000
2.آرڪٽڪ ريگستان آرڪٽڪ 13،900،000
3.صحارا ريگستان آفريقا 9،100،000
4.عربي صحرا وچ-اوڀر 2،600،000
5.گوبي صحرا ايشيا 1،300،000
6.پئٽاگوني ريگستان ڏکڻ آمريڪا 670،000
7.گريٽ وڪٽوريا ريگستان آسٽريليا 000،647
8.ڪالاهاڙي صحرا آفريڪا 570،000
9.گريٽ بيسن صحرا اتر آمريڪ 490،000
10.شامي ريگستان وچ- اوڀر 490،000