صحرائي
صحرائي (ذات): هن ذات وارن لاءِ روايت آهي ته هي هسپت بن جادم جو اولاد آهن. هي اصل سما آهن. ان کانسواءِ سيدن جي هڪ پاڙي جو نالو به ’صحرائي‘ آهي. هن پاڙي مان نامور تاريخ نويس سيد طاهر محمد ٺٽوي ٿي گذريو آهي، جنهن ’تاريخ طاهري‘ لکي آهي.
لفظ
صحرائيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي