صحرائي ڦِــدي

صحرائي ڦِــدي

صحرائي ڦـدي

صحرائي ڦِــدي (پکي): صحرائي ڦِدي، جهرڪيءَ جيڏو ننڍو پکي آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Desert wheatear ۽ سائنسي زبان ۾ Oenanthe Deseriti چيو ويندو آهي. اڳ ۾ هي پکي Turdidae خاندان ۾ شمار ڪيو ويندو هو، پر جديد تحقيق موجب هي پکي Musticapidae خاندان ۾ شامل آهي. هي سيلاني پکي آهي، موسم مطابق مختلف علائقن ۾ رهڻ پسند ڪندو آهي.هن جي مجموعي جسامت 14.5 کان 15 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي. هن پکيءَ جو پڇ سڄو ڪارو، ماديءَ جي مٿين سطح سليٽي ۽ هيٺين سطح ڀوري رنگ جي ٿئي ٿي. ماديءَ جي ڳچيءَ تي ڪارو داغ هوندو آهي، جڏهن تہ نر جي جت مٿين سطح ميٽوڙي، ڀوري رنگ جي، اندريون حصو ڀوراڻ مائل، منهن ۽ ڳچيءَ کان ڪلهي تائين هلڪو ڪارو داغ ٿئي ٿو. اولھہ ۾ رهندڙ صحرائي ڦِدي گهڻو وقت صحرا ريگستان ۽ عرب جي وارياسن علائقن ۾ گذاري ٿي. ننڍي کنڊ ۾ هي پکي پاڪستان، خاص ڪري سنڌ جي وارياسن علائقن ۾ ججهي تعداد ۾ نظر ايندو آهي. ان کانسواءِ اتر اوڀر آفريڪا ۾ بہ هن پکيءَ جو وڏو تعداد ملي ٿو. هي پکي نسلي واڌ ويجهه بہ وارياسن علائقن ۾ ڪندو آهي ۽ هن جي خوراڪ جيت آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو