صحيح السبطين (ڪتاب): جيلاني/ گيلاني ساداتن جي هن فارسي تذڪري جو مصنف گل محمد آهي. هي تذڪرو ڪيترن ئي ڪتابن ۽ ملفوظاتن تان مرتب ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ ٻہ باب ۽ ست فصل آهن. تذڪرو سن 1318ھہ/ 1900ع ۾ لکي پورو ڪيائين ۽ ڪتابت بہ مصنف خود ڪئي آهي، جنهن بابت هي قطعه تاريخ لکي اٿس:
گل محمد مولف و ڪات
ڪه همين نامہ را بفضل خدا
در سن سيزده صد و هزده
ڪرد ڪامل بہ همت مولا.
[ترجمو: گل محمد ڪتاب جو مولف ۽ ڪتاب آهي ۽ اهو ڪم خدا جي فضل سان ڪيائين. سن 1318ھہ ۾ مولا جي مدد سان هي ڪامل ٿي ويو.] هن تذڪري ۾ مصنف مخدوم سيد حامد گنج بخش اُچي، سيد محمد مڪرم، سيد نقيب سليمان ثاني، مخدوم غلام محي الدين جيلاني، پير صالح شاھہ، سيد عبدالجبار ۽ سندس اولاد، سيد غياث الدين، مخدوم سيد ابو جعفر محمد مبارڪ، مخدوم شاھہ مبارڪ عادلپوري، سيد شاھہ جعفر، مخدوم سيد حامد، سيد محب شاھہ، سيد احمد، سيد باغ علي، مخدوم سيد حيدر شاھہ، سيد شاھہ جعفر، سيد حيدر شاھہ ثاني، مخدوم سيد شاھہ جعفر ثالث، سيد محمد شريف، سيد شاھہ نهال حيدر ۽ سيد سلطان شاھہ جو ذڪر بيان ڪيو آهي. انهن ساداتن کان سواءِ گهوٽڪيءَ جي سيدن، راڻي پور ۽ گنبٽ جي گيلاني سيدن، سيد موسيٰ شاھہ گيلاني ۽ شاھہ عبداللطيف جي احوال ۽ واقعن، مخدوم سيد شرف الدين، محمد صالح شاھہ، مخدوم سيد سراج الدين ۽ حضرت جمال محمد جو ذڪر پڻ تفصيل سان ڏنل آهي. ڪتاب جو قلمي نسخو مولانا علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي ڪتبخاني ۾ محفوظ آهي.