صحيفو: هيءُ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: “اها شئي جنهن تي ڪجهه لکيو وڃي”. انهيءَ مناسبت سان ورق جي هڪ طرف، يعني صفحي کي به صحيفو چيو وڃي ٿو ۽ جديد عربي ٻوليءَ ۾ صحيفو جريدي (رسالي) ۽ اخبار لاءِ پڻ استعمال ٿئي ٿو. هن کان سواءِ قرآن ڪريم، حديث ۽ عربي ادب ۾ هي لفظ گهڻن ئي معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي، مثلاً نامئه اعمال، خط يا مڪتوب، حڪم نامو يا فرمان ۽ آسماني ڪتابن يعني الله تعاليٰ طرفان ان جي سچي رسولن تي نازل ڪيل ڪتابن ۽ هدايت جي احڪامن لاءِ پڻ هي لفظ استعمال ٿيو آهي. قرآن مجيد ۾ هي لفظ اٺ دفعا بصورت جمع (صُحُف) وارد ٿيو آهي. تاريخ اسلام ۾ ڄاڻايل آهي ته حضرت عثمان، بيبي حفصه ڏانهن ماڻهو موڪليو ته حضرت ابوبڪر صديق وارا مرتب ڪيل صحيفا مون ڏانهن موڪلي ڏيو. حضرت ابوذر غفاري رضي الله عنه کان روايت آهي ته جڏهن سورة الاعليٰ نازل ٿي ۽ ان جي آخري ٻن آيتن ۾ هي فرمايو ويو ته، “قرآن مجيد جي هي سورت يا قرآن جا جملي مضامين اُهي رب جي طرفان هدايتون ۽ مقدس پيغام آهن جيڪي ‘صُحُف’ اوليٰ يعني اڳوڻن پيغمبرن جي صحيفن بالخصوص حضرت ابراهيم ۽ حضرت موسيٰ جي صحيفن (صُحُف) ۾ موجود هئا.” ان تي مون سرورڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم کان پڇيو ته “الله پاڪ ڪيترا ڪتاب نازل ڪيا آهن؟” ته پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته، الله پاڪ هڪ سؤ چار ڪتاب نازل ڪيا آهن. انهن مان ڏهه صحيفا حضرت آدم عليه السلام تي، پنجاهه صحيفا حضرت شيث عليه السلام تي، ٽيهه صحيفا حضرت ادريس (اخنوخ) عليه السلام تي ۽ ڏهه صحيفا حضرت ابراهيم عليه السلام تي نازل ٿيا. باقي چار صحيفا چئن ڪتابن جي صورت ۾ يعني تورات، زبور، انجيل ۽ فرقان (قرآن مجيد) نازل ٿيا. ‘صُحُف ابراهيمي’ سڀ کان پهرين حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي امت کي پڙهي ٻڌايو، پوءِ شام ۾ ان جي ننڍي پٽ حضرت اسحاق عليه السلام ۽ عرب ۾ اچي وڏي پٽ حضرت اسماعيل عليه السلام پنهنجي قوم کي ٻڌايا. پوءِ ته اهي صحيفا حضرت يعقوب عليه السلام ۽ ان جي اولاد ۾ مسلسل هڪ کان ٻئي کي منتقل ٿيندا رهيا، جڏهن حضرت موسيٰ عليه السلام جي رسالت شروع ٿي ته ‘صحف ابراهيمي’ ۾ موجود عبرت، نصيحت ۽ توحيد جون ڳالهيون تورات جي وسيلي ان تي نازل ڪيون ويون ۽ صحف ابراهيمي منسوخ قرار ڏنو ويو. حضرت موسيٰ عليه السلام کانپوءِ حضرت عيسيٰ عليه السلام تائين سڀئي بني اسرائيل جا نبي انهي تورات جي تلاوت ڪري ماڻهن کي هدايت جي راهه ڏيکاريندا ۽ دعوتِ عمل ڏيندا رهيا. حضرت عيسيٰ عليه السلام به پنهنجي دعوت جو آغاز تورات جي تلاوت سان ڪيو. هن ڳالهه جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ پڻ آهي. ‘سورة آلِ عمران’ جي 48 آيت ۾ خداوند عالم فرمائي ٿو ته، “پر جيئن ته بنو اسرائيل جي سرڪشي، نافرماني ۽ ظلم جي ڪري تورات ۾ ڪجهه احڪام سخت ڪيا ويا هئا.” انهي ڪري انجيل جي نزول وقت صرف ۽ صرف تورات ۾ آيل سخت احڪام منسوخ ڪيا ويا هئا ۽ انهن جي جاءِ تي نوان احڪام نازل ٿيا. اهڙيءَ طرح تورات جي غيرمنسوخ احڪامن تي به عمل ٿيندو رهيو. انهيءَ ڪري حضرت عيسيٰ عليه السلام تي ايمان رکڻ وارا ماڻهو تورات ۽ انجيل يا عهدنامئه عتيق ۽ عهد نامئه جديد ٻنهي جي پيروي ڪندا آهن. قرآن مجيد ۾ جن پاڪ نبين جا قصا ۽ ذڪر موجود آهن، تن بابت اهو واضح بيان ٿيل آهي ته، انهن تي الله تعاليٰ جي طرفان وحي نازل ٿي ۽ مختلف امتن ۽ قومن جي رهنمائي ۽ هدايت لاءِ انهن کي مقرر ڪيو ويو هو، پر انهن سڀني جي نازل ٿيل ڪتابن يا آسماني صحيفن جو ذڪر ناهي آيو، صرف حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت موسيٰ عليه السلام جي صحيفن ۽ چئن آسماني ڪتابن يعني تورات (قانون)، انجيل (بشارت)، زبور (تختي يا نوشتو) ۽ فرقان (يعني حق ۽ باطل جي وچ ۾ واضح فرق ڪرڻ وارو، قرآن مجيد) جو صراحت سان ذڪر ڪيو ويو آهي. قرآن ڪريم لاءِ فرقان جو لفظ به استعمال ٿيو آهي اٽڪل 60 ڀيرا ‘قرآن’ جي لفظ سان هن مقدس ڪتاب کي ياد ڪيو ويو آهي. قرآن مجيد ۾ ٻين آسماني ڪتابن لاءِ ‘انزال’ (لاهڻ) ۽ قرآن مجيد لاءِ ‘تنزيل’ (سهڻي نموني سان آهسته آهسته لاهڻ) جا لفظ استعمال ٿيا آهن.