صحيفو: هيءُ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي: “اها شئي جنهن تي ڪجهہ لکيو وڃي”. انهيءَ مناسبت سان ورق جي هڪ طرف، يعني صفحي کي بہ صحيفو چيو وڃي ٿو ۽ جديد عربي ٻوليءَ ۾ صحيفو جريدي (رسالي) ۽ اخبار لاءِ پڻ استعمال ٿئي ٿو. هن کان سواءِ قرآن ڪريم، حديث ۽ عربي ادب ۾ هي لفظ گهڻن ئي معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي، مثلاً نامئه اعمال، خط يا مڪتوب، حڪم نامو يا فرمان ۽ آسماني ڪتابن يعني ﷲ تعاليٰ طرفان ان جي سچي رسولن تي نازل ڪيل ڪتابن ۽ هدايت جي احڪامن لاءِ پڻ هي لفظ استعمال ٿيو آهي. قرآن مجيد ۾ هي لفظ اٺ دفعا بصورت جمع (صُحُف) وارد ٿيو آهي. تاريخ اسلام ۾ ڄاڻايل آهي تہ حضرت عثمان، بيبي حفصه ڏانهن ماڻهو موڪليو تہ حضرت ابوبڪر صديق وارا مرتب ڪيل صحيفا مون ڏانهن موڪلي ڏيو. حضرت ابوذر غفاري رضي ﷲ عنه کان روايت آهي تہ جڏهن سورة الاعليٰ نازل ٿي ۽ ان جي آخري ٻن آيتن ۾ هي فرمايو ويو ته، “قرآن مجيد جي هي سورت يا قرآن جا جملي مضامين اُهي رب جي طرفان هدايتون ۽ مقدس پيغام آهن جيڪي ‘صُحُف’ اوليٰ يعني اڳوڻن پيغمبرن جي صحيفن بالخصوص حضرت ابراهيم ۽ حضرت موسيٰ جي صحيفن (صُحُف) ۾ موجود هئا.” ان تي مون سرورڪائنات حضرت محمد مصطفيٰ صلي ﷲ عليہ وسلم کان پڇيو تہ “ﷲ پاڪ ڪيترا ڪتاب نازل ڪيا آهن؟” تہ پاڻ سڳورن ارشاد فرمايو ته، ﷲ پاڪ هڪ سؤ چار ڪتاب نازل ڪيا آهن. انهن مان ڏھہ صحيفا حضرت آدم عليہ السلام تي، پنجاھہ صحيفا حضرت شيث عليہ السلام تي، ٽيھہ صحيفا حضرت ادريس (اخنوخ) عليہ السلام تي ۽ ڏھہ صحيفا حضرت ابراهيم عليہ السلام تي نازل ٿيا. باقي چار صحيفا چئن ڪتابن جي صورت ۾ يعني تورات، زبور، انجيل ۽ فرقان (قرآن مجيد) نازل ٿيا. ‘صُحُف ابراهيمي’ سڀ کان پهرين حضرت ابراهيم عليہ السلام پنھنجي امت کي پڙهي ٻڌايو، پوءِ شام ۾ ان جي ننڍي پٽ حضرت اسحاق عليہ السلام ۽ عرب ۾ اچي وڏي پٽ حضرت اسماعيل عليہ السلام پنھنجي قوم کي ٻڌايا. پوءِ تہ اهي صحيفا حضرت يعقوب عليہ السلام ۽ ان جي اولاد ۾ مسلسل هڪ کان ٻئي کي منتقل ٿيندا رهيا، جڏهن حضرت موسيٰ عليہ السلام جي رسالت شروع ٿي تہ ‘صحف ابراهيمي’ ۾ موجود عبرت، نصيحت ۽ توحيد جون ڳالهيون تورات جي وسيلي ان تي نازل ڪيون ويون ۽ صحف ابراهيمي منسوخ قرار ڏنو ويو. حضرت موسيٰ عليہ السلام کانپوءِ حضرت عيسيٰ عليہ السلام تائين سڀئي بني اسرائيل جا نبي انهي تورات جي تلاوت ڪري ماڻهن کي هدايت جي راھہ ڏيکاريندا ۽ دعوتِ عمل ڏيندا رهيا. حضرت عيسيٰ عليہ السلام بہ پنھنجي دعوت جو آغاز تورات جي تلاوت سان ڪيو. هن ڳالھہ جو ذڪر قرآن ڪريم ۾ پڻ آهي. ‘سورة آلِ عمران’ جي 48 آيت ۾ خداوند عالم فرمائي ٿو ته، “پر جيئن تہ بنو اسرائيل جي سرڪشي، نافرماني ۽ ظلم جي ڪري تورات ۾ ڪجهہ احڪام سخت ڪيا ويا هئا.” انهي ڪري انجيل جي نزول وقت صرف ۽ صرف تورات ۾ آيل سخت احڪام منسوخ ڪيا ويا هئا ۽ انهن جي جاءِ تي نوان احڪام نازل ٿيا. اهڙيءَ طرح تورات جي غيرمنسوخ احڪامن تي بہ عمل ٿيندو رهيو. انهيءَ ڪري حضرت عيسيٰ عليہ السلام تي ايمان رکڻ وارا ماڻهو تورات ۽ انجيل يا عهدنامئه عتيق ۽ عھد نامئه جديد ٻنهي جي پيروي ڪندا آهن. قرآن مجيد ۾ جن پاڪ نبين جا قصا ۽ ذڪر موجود آهن، تن بابت اهو واضح بيان ٿيل آهي ته، انهن تي ﷲ تعاليٰ جي طرفان وحي نازل ٿي ۽ مختلف امتن ۽ قومن جي رهنمائي ۽ هدايت لاءِ انهن کي مقرر ڪيو ويو هو، پر انهن سڀني جي نازل ٿيل ڪتابن يا آسماني صحيفن جو ذڪر ناهي آيو، صرف حضرت ابراهيم عليہ السلام ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام جي صحيفن ۽ چئن آسماني ڪتابن يعني تورات (قانون)، انجيل (بشارت)، زبور (تختي يا نوشتو) ۽ فرقان (يعني حق ۽ باطل جي وچ ۾ واضح فرق ڪرڻ وارو، قرآن مجيد) جو صراحت سان ذڪر ڪيو ويو آهي. قرآن ڪريم لاءِ فرقان جو لفظ بہ استعمال ٿيو آهي اٽڪل 60 ڀيرا ‘قرآن’ جي لفظ سان هن مقدس ڪتاب کي ياد ڪيو ويو آهي. قرآن مجيد ۾ ٻين آسماني ڪتابن لاءِ ‘انزال’ (لاهڻ) ۽ قرآن مجيد لاءِ ‘تنزيل’ (سھڻي نموني سان آھستہ آھستہ لاهڻ) جا لفظ استعمال ٿيا آهن.