صدرالدين بکريءَ جي درسگاھہ

صدرالدين بکريءَ جي درسگاھہ: هي درسگاھہ بکر (موجودہ سکر) ۾ هئي، جيڪا نامور عالم ۽ فقيه مولانا صدر الدين حنفي بکري قائم ڪئي هئي. جتي پاڻ ديني علمن جي تعليم ڏيندو هو. وٽس ڪيترائي شاگرد علم پرائيندا هئا، جن مان ڪيترائي اڳتي هلي ناليوارا عالم بڻيا. 774ھہ/ 1372ع ۾ ابن بطوطه پڻ ساڻس ملاقات ڪئي، جنهن جو ذڪر ابن بطوطه پنھنجي سفرنامي ۾ پڻ ڪيو آهي. مولانا صدر الدين پنھنجي دؤر جو جديد عالم هو، جنهن بکر کانسواءِ علي واهڻ ۾ بہ ديني مدرسو قائم ڪيو هو.


لفظ صدرالدين بکريءَ جي درسگاھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو