صدرالدين ميمڻ

صدرالدين ميمڻ

صدرالدين ميمڻ

صدرالدين ميمڻ: والي بال جو بھترين رانديگر صدرالدين ميمڻ ٺيڙهي، ضلعي خيرپور جو رهاڪو هو. 1964ع ڌاري دوست محمد سيال جي ياد ۾ دادو ۾ ٿيل ٽورنامينٽ ۾ ٺيڙهي جي ٽيم سان وچ نيٽ تي بھترين راند ڪرڻ ڪري سٺن رانديگرن جي فهرست ۾ شمار ٿيو. راند جي سکيا پنھنجي ڀاءُ امان پشوري ۽ استاد محمد يوسف کان حاصل ڪئي. واليون هڻڻ ۾ تمام گهڻو مشھور هو. هڪ مئچ ۾ ٽيهن کان وڌيڪ واليون هڻي، سينئر رانديگرن جي ڀيٽ ۾ رڪارڊ قائم ڪيائين. هن جو ڌڪ هڻڻ جو انداز نرالو هوندو هو، پوئتي ويندڙ بالن کي مٿي کان اسٽروڪ ٺاهي ٽپو ڏئي ڌڪ هڻندو هو. سڄي ملڪ ۾ استاد محمد يوسف جي ساٿ سان ٺيڙهي جي ٽيم کي ڪجهہ عرصي لاءِ ناقابل شڪست ٽيم بڻائي ڇڏيائين. بھترين راند جي ڪري پاڪستان شوٽنگ بال فيڊريشن جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري آءِ-يو- خان کيس حبيب بئنڪ ۾ ملازمت وٺرائي ڏني.


لفظ صدرالدين ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو