صديق: اسلام جي پهرين خليفي راشد حضرت ابو بڪر رضي الله تعالى عنه جو لقب، جنهن جي لغوي معنى سچو، سچار، سچائيءَ کي تسلم ڪندڙ ۽ وفادار دوست آهي. ابو اسحاق کان روايت آهي ته حضرت ابو بڪر تي صديق لقب ان وقت پيو، جڏهن ان معراج واري واقعي جي تصديق ڪئي هئي. ماڻهن جي ذهنن ۾ معراج جي باري ۾ شڪ شبها هئا، پر حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي معراج تي وڃڻ ۽ معراج ماڻي موٽڻ جي تصديق حضرت ابو بڪر ڪئي ۽ کيس ‘صديق’ لقب ملي ويو.