
صديقي جهانگير
صديقي، جھانگير: مشھور سرمائيدار جھانگير صديقيءَ جو تعلق سنڌ جي علمي گهراڻي سان آهي. سندس ڀاءُ مظهرالحق صديقي ۽ ڀيڻ سلطانہ صديقي ڄاتل سڃاتل شخصيتون آهن. جھانگير صديقي،28 جولاءِ 1948ع تي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس والد سرڪاري ملازم هو، جڏهن تہ سندس ماءُ گهرو عورت هئي. سندس خاندان مذهبي هو. سندس والد هڪ مسجد بہ ٺهرائي هئي، جيڪا سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس جي سامهون اڄ بہ موجود آهي. جھانگير صديقي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪئي، جڏهن تہ ڪامرس ۾ بيچلرس جي ڊگري حاصل ڪيائين. هن جو ذهن ڪاروباري هو، جنهنڪري هن 1962ع ۾ هڪ هوٽل کولي ۽ آئيس ڪريم جي ڊسٽريبويشن ورتي، پر سندس والد کي سندس هوٽل هلائڻ پسند نہ هو. جنهن ڪري هن اها هوٽل/ ڪافي هائوس ٺيڪي تي ڏئي ڇڏيو. 1967ع ۾ هن چارٽرڊ اڪائونٽنٽ جو ڪم شروع ڪيو. آءِ آءِ چندريگر روڊ تي آفيس کوليائين. هن 1971ع ۾ ‘جھانگير صديقي اينڊ ڪارپوريشن لميٽيڊ’ جو بنياد وجهي پنھنجي ڪاروباري ۽ عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. سندس ڪاروبار تمام گهڻي وسعت ماڻي. هن وقت ‘JS گروپ آف ڪمپنيز’ سڄي پاڪستان ۾ پکڙيل آهي. ‘JS گروپ’ پاڪستان ۾ انتظامي ۽ معاشي طور ڪم ڪندڙ ڪمپنين ۾ سرمائيڪاري ڪري رهيو آهي. ‘JS گلوبل ڪيپيٽل لميٽيڊ’، ‘JS بينڪ لميٽيڊ’، ‘بئنڪ اسلامي’، ‘JS انويسٽمينٽ لميٽيڊ’، ‘EFU لائيف انشورنس’، ‘Azgard’، ‘پاڪستان انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمنلز’ وغيرہ شامل آهن. ‘JS گروپ’ جون سنڌ سميت ملڪ اندر صحت ۽ تعليم جي حوالي سان فلاحي سرگرميون قابل ذڪر آهن. فلاحي ڪمن لاءِ قائم ڪيل سندس ادارو ‘مهوش اينڊ جھانگير صديقي فائونڊيشن’ هڪ خيراتي ادارو آهي، جنهن کي ‘JS گروپ’ جا بورڊ ميمبر ۽ منتظمين هڪ ٽرسٽ طور هلائي رهيا آهن. هن ٽرسٽ وسيلي سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ معذور ٻارن جي تعليم، تربيتي سکيا ۽ اسڪولي نظام کي بهتر ۽ يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ‘پروگريسو ايڊيوڪيشن گريجوئيشن نيٽ ورڪ’ ۽ ‘فخر امداد فائونڊيشن’ جي سهڪار سان گونگن ٻارڙن کي تعليم مهيا ڪئي پئي وڃي. ان کان سواءِ ‘فخر امداد فائونڊيشن’ ۽ ‘مهوش جھانگير صديقي فائونڊيشن’ جي گڏيل سهڪار سان ميرواھہ گورچاڻي ۽ مندر وارن اسڪولن جو 2002ع ۾ بنياد وڌو، جتي هر سال تقريبن 450 کان 500 ٻار پرائمري ۽ ثانوي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. جھانگير صديقيءَ جون صحت جي شعبي ۾ بہ بيشمار خدمتون آهن. سندس اداري طرفان 2008ع کان ڪراچي نيشنل اسپتال ۾ Fistula (ناسور) يونٽ قائم ڪيو ويو. وييل ڪارنيل ميڊيڪل ڪاليج، قطر ۾ طبي تعليم پرائيندڙ شاگردن/ شاگردياڻين کي مالي امداد فراهم ڪرڻ، نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيو ويسڪيولر ڊزيزز جي قيام ۾ مالي سهڪار، معذورن لاءِ ويل چيئر جي تقسيم، ‘موڳي پڻ’ (Autism Spectrum) جي علاج ۽ بچاءَ لاءِ جاڳرتا مھم هلائڻ، غريبن ۽ مستحقن جي مالي سهائتا ڪرڻ شامل آهن. جھانگير صديقي فلاحي ڪمن جي حوالي سان هڪ الڳ سڃاڻپ رکي ٿو.