صديقي محمد صالح

صديقي، محمد صالح: مخدوم محمد صالح صديقي ولد مخدوم محمد حسن، ٽالپرن جي دور جو هڪ صوفي درويش، عالم، خطاط، طب ۽ علم جعفر جي ڄاڻوءَ طور سڃاتو ويندو هو. پاڻ يارنهن سالن جي عمر ۾ پنھنجي چاچي مخدوم محمد عارف مفتيءَ کان سمورا رواجي علم حاصل ڪيائين. ان کانپوءِ ڪتابن جي مطالعي ۾ مشغول رهندو هو ۽ يادِ الاهيءَ ۾ محو هوندو هو. ايتريقدر جو ماڻهو کيس مجذوب سمجهندا هئا. پاڻ کي جعفري طريقي جو پيروڪار سڏرائيندو هو. اهل بيت جي محبت جي وڏي دعوى رکندو هو. گوشه نشيني، چله نشيني ۽ رياضت ۾ ايترو تہ محو ۽ مشغول رهندو هو جو فقط وڻن جي پنن تي گذران ڪندو هو. هن سڄي زندگي شادي ڪانہ ڪئي. پاڻ کي ملندڙ نذرانن کي غريبن، محتاجن ۽ ضرورتمند ۾ ورهائي ڇڏيندو هو. درويش، شاھہ عبداللطيف جي ڪلام کي ٻڌڻ جو ڏاڍو شائق هو، جنهن ڪري سندس ٻہ فقير، سومر ۽ فضل کيس شاھہ جو ڪلام ٻڌائي راتين جون راتيون وجداني ڪيفيت ۾ مشغول رکندا هئا. درويش جي تقويٰ ۽ پرهيزگاري ڪري ٽالپرن جي ساڻس ڏاڍي الفت ۽ عقيدتمندي هئي. جڏهن مير نصير خان ولد مراد علي خان سنڌ جو والي ٿيو. تڏهن مخدوم کي ديھہ سامٽياڻي ۾ جاگير ڏنائين. ڪتاب ‘سيوهڻ صدين کان’ جي مصنف موجب، هن بزرگ 13 صدي هجريءَ ۾ وفات ڪئي. هن بزرگ ڪجهہ ڪتاب بہ لکيا جن مان هيٺيان قابل ذڪر آهن: (1) ڪتاب الناطق بالحق، (2) اذڪار مخدوم محمد صالح ڪاتب خود (1234ھہ)، (3) زيدة الحقائق في التصرف.


هن صفحي کي شيئر ڪريو