صديق سمراٽ (ڪٿڪ ڊانسر): محمد صديق ولد قطب الدين خان جو جنم 1922ع ۾ جسائو رياست بيڪانير هندستان ۾ ٿيو. هن ڪٿڪ فن جي سکيا بھار بخش ڪٿڪ کان ورتي. جنهن کان پوءِ بابا عاشق حسين سمراٽ کان فلمي نرت جي سکيا ورتائين. فلم ‘ناگن’ جنهن ۾ اداڪارہ نيلو ۽ رتن ڪمار ڪردار ادا ڪيا هئا، هن انهي فلم جا ناچ ترتيب ڏنا هئا. 1960ع ۾ ٺهندڙ فلم ‘گل بڪاولي’ جنهن جا ناچ عاشق حسين سمراٽ ترتيب ڏئي رهيو هو ۽ ان دوران عاشق حسين وفات ڪري ويو تہ ان فلم جو رهيل ڪم صديق سمراٽ مڪمل ڪيو. صديق سمراٽ ننڍپڻ ۾ ئي پنھنجي فن کي دنيا آڏو مڃرائي چڪو هو، سندس ڊانس جو پهريون مقابلو ڪلڪتي ۾ ٿيو. انهي مقابلي ۾ ان وقت جو وڏو ڪٿڪ جئہ لال جئپور وارو، خليفو عابد حسين پورب گهراڻي طبلي جو خليفو، خانصاحب الھہ دتا خان ڪولاپور وارو ۽ سندس بزرگ عاشق حسين بہ شامل ٿيا هئا. اتي هڪ شاندار نرت جو مظاهرو ڪري سڀني کان داد حاصل ڪندي پاڻ مڃايو. ڪٿڪ ناچ ۾ سندس ڪيترائي شاگرد هئا، جن ۾ فلم اسٽار نيلو، مسرت نذير، راني، زمرد، اڪبر سمراٽ، ماسٽر عزيز سمراٽ ۽ راجو سمراٽ شامل آهن. پاڻ پنھنجي ڳوٺ جساڻي مان لڏي وڏي گهراڻي سميت حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿيو. سندس خاندان وارا اڃا تائين سرفراز ڪالونيءَ ۾ رهائش پذير آهن. سندس مادري زبان مارواڙي آهي. ماسٽر محمد صديق سمراٽ فلمي دنيا جو مشھور ڪٿڪ ڪار هو. پاڻ 1992ع ۾ وفات ڪيائين. کيس لاهور جي شاھہ ڪمال قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.