نواب صديق علي خان
صديق علي خان، نواب: تحريڪ پاڪستان جو ڪارڪن، سياستدان، ليکڪ ۽ انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر نواب صديق علي خان 1900ع ڌاري ناگپور، هندستان ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو نواب غلام محي الدين هو. هن شروعاتي تعليم ناگپور مان حاصل ڪئي. هن سياسي زندگيءَ جي سفر جو آغاز 1935ع کان ڪيو. ساڳئي سال نيشنل گارڊ جو سالار مقرر ٿيو. 1936ع ۾ آسٽريليا جي پارليامينٽ جي خاص اجلاس ۾ هندستان پاران نمائندگي ڪيائين. 1937ع ۾ برطانيا جي حڪومت پاران کيس ‘خانبهادر’ جو خطاب ڏنو، جيڪو هن 1948ع ۾ قائداعظم جي اپيل تي ٻين مسلمان اڳواڻن سان گڏ واپس ڪيو. ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان لڏي آيو ۽ ڪراچيءَ ۾رهائش پذير ٿيو، جتي پاڪستان جي پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جو پوليٽيڪل سيڪريٽري مقرر ٿيو. 16 آڪٽوبر 1951ع ۾ جڏهن لياقت علي خان کي گولي لڳي ته نواب صديق علي خان سڀ کان پهريان اڳتي وڌي کيس سنڀاليو ۽ لياقت علي خان جي وفات جي وقت کان دفنائڻ تائين لاڳيتو 36 ڪلاڪن تائين جنازي سان گڏ رهيو. ان کانسواءِ نواب صديق علي خان خواجا ناظم الدين، محمد علي بوگره ۽ حسين شهيد سهروردي جو به پوليٽيڪل سيڪريٽري رهيو، 1958ع کان 1961ع تائين ايٿوپيا (آفريڪا) ۾ پاڪستان جو سفير رهيو. هن هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو عنوان هو ‘بي تيغ سپاهي’. هن ڪتاب ۾ نوابزاده لياقت علي خان جي سوانح حيات کي قلمبند ڪيو ويو آهي. هن 9 جنوري 1974ع تي وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ ۾ هائوسنگ سوسائٽيءَ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
1974.01.09 عيسوي
نواب صديق علي خان 1900ع ڌاري ناگپور، هندستان ۾ پيدا ٿيو. هن 9 جنوري 1974ع تي وفات ڪئي.