صراط المستقيم (رسالو): هيءُ رسالو ڊاڪٽر مدد علي ميرزا ۽ سيد عبدالحسين شاه موسويءَ جي ڪوششن سان حيدرآباد مان جولاءِ 1923ع کان جاري ٿيو ۽ ڪجهہ عرصي بعد روهڙيءَ مان شايع ٿيڻ لڳو. هِن رسالي جا ايڊيٽر ڊاڪٽر مدد علي ميرزا ۽ سيد وڌيل شاه موسوي هئا. هن رسالي ۾ گهڻو ڪري شيعه مسلڪ سان وابستہ مواد ڇاپيو ويندو هو. ان کان علاوہ اسلامي تاريخ ۽ تمدن تي بہ معلوماتي مواد شايع ڪيو ويندو هو. هي رسالو 44 صفحن تي مشتمل هوندو هو. رسالي جي ساليانه قيمت اڍائي رپيه هئي. هيءُ رسالو سکر جي امر پرنٽنگ پريس مان ڇپبو هو. هيءُ رسالو سنڌالاجي جي لائبريري ۾ موجود آهي.