صغران، بي بي: مشھور تعليمدان بي بي صغران 2 فيبروري 1918ع تي غلام علي شاھہ بخاريءَ جي گهر، ابراهيم شاھہ جي پڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو. بي بي صغران کي ننڍي هوندي کان ئي پڙهڻ، لکڻ جو شوق هوندو هو. جيڪو کيس پنھنجي ڏاڏي ۽ پُڦيءَ کان ورثي ۾ مليو هو. سندس ڏاڏي ‘بي بي ڀاڳل’ 1891ع ۾ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين، حيدرآباد مان صوبي سنڌ جي پهرين مسلمان عورت جي حيثيت سان ٽيچرس ٽريننگ حاصل ڪئي ۽ تاريخ جو حصو بڻي. سندس پُڦي ‘بي بي ڦاپل’ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار ووميين حيدرآباد جي پهرين مسلم هاسٽل ميٽرن جي حيثيت سان ڪم ڪيو. پنھنجي گهر ۾ علمي ماحول ڏسي کيس بہ پڙهڻ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو. بي بي صغران پنھنجي سموري تعليم ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج مان حاصل ڪئي. فائنل پاس ڪرڻ کانپوءِ هن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز 1936ع ۾ بابا هاشم خواجا جي اسڪول ۾ استاد جي حيثيت سان ڪيو ۽ ڪجهہ عرصي کانپوءِ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فار وومين، حيدرآباد مان ٻن سالن جو ٽيچرس ٽريننگ جو ڪورس ڪيائين ۽ هن ڪورس ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي ۽ ٻيهر وري بابا هاشم جي اسڪول ۾ واپس وڃي درس ۽ تدريس جو سلسلو شروع ڪيائين.بي بي صغران هڪ محنتي ۽ ذهين استاد هُئي، کيس ڇوڪرين/ ڇوڪرن کي تعليم ڏيڻ جو تمام گهڻو شوق هو. سندس شوق ڏسي بابا هاشم کيس پنھنجي ڌيءَ بڻايو ۽ اسڪول جو انچارج بہ مقرر ڪيو. ان دوران بي بي صغران جي محنت ۽ ذهانت جي شھرت ٿيڻ لڳي ۽ کيس شھر جي ٻين بھترين اسڪولن مان بہ نوڪري جون آڇون اچڻ لڳيون، بي بي صاحبہ سنڌي گرامر ۽ رياضيءَ ۾ مڪمل عبور رکندي هئي، کيس مختلف هنرن ۾ بہ مهارت حاصل هئي. بابا هاشم جي اسڪول ۾ رهندي، بي بي صغران خواجہ ڪميونٽي جي ڇوڪرين کي تعليم جي زيور سان سينگاريو. بابا هاشم جي اسڪول ۾ رهڻ دوران بي بي صغران کي ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج (زنانه) حيدرآباد جي انتظاميہ حسابن جي ماهر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي، بي بي صاحبہ انهيءَ آڇ کي موٽ ڏيندي 17 آڪٽوبر 1941ع کان مئي 1942ع تائين ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج ۾ ڪم ڪيو. ان کانپوءِ وري بابا هاشم خواجہ جي اسڪول ۾ تعليم ڏيڻ جي سلسلي کي جاري رکيائين. هڪ ڀيرو ٻيهر وري کيس ٽيچرس ٽرينگ ڪاليج (وومين) ۾ 30 جولاءِ 1942ع ۾ مقرر ڪيو ويو ۽ کيس پگهار 30 رپيا ۽ 5 رپيا پي. ايم الائونس ڏنو ويو. هوءَ نصابي سرگرميين کانسواءِ هم نصابي سرگرميين ۾ پڻ شاگردياڻين جي رهنمائي ڪندي هئي. هن ڪيترائي تقريري مقابلا، ڊراما، سبڻ ڀرت جا مقابلا ۽ ٻيا ڪيترائي پروگرام ترتيب ڏنا. بي بي صاحبہ پنھنجي پيشہ وراڻي زندگيءَ ۾ بہ تربيت ۽ تعليم حاصل ڪندي رهي، جڏهن ٽريننگ ڪاليج ۾ انگريزيءَ جو مضمون لازمي ڪيو ويو تہ هوءَ بہ امتحان ۾ ويٺي. ان کانسواءِ ٽريننگ ڪاليج ۾ گرلز گائيڊ ‘بلو برڊ’ جي نالي سان شروع ٿي تہ ٽريننگ حاصل ڪيائين ۽ ڪاليج ۾ پڙهندڙ ڇوڪرين کي سکيا ڏيندي رهي. آپا بي بي صغران 1966ع ۾ پاڪستان گرلز گائيڊ ايسوسيئيشن جي ڪوٺايل ٽريننگ پروگرام ۾ حصو ورتو. اڄ بہ سندس شاگرد ۽ شاگردياڻيون وڏي عزت ۽ احترام سان سندس نالو وٺندا آهن. سندس شاگردن/ شاگردياڻين ملڪي سطح تي وڏو نالو ڪمايو، جن ۾ اڳوڻي بيوروڪريٽ ۽ هاڻي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ايم. پي. اي مهتاب اڪبر راشدي، نامور فنڪارہ روبينا قريشي، سياستدان بيگم گلزار انڙ ۽ ٻيا شامل آهن. سندس ويجهن واسطيدارن ۾ تعليمي ماهر دادي ليلاوتي، آپا عزيزه، احسان علي شاھہ رضوي، آپا غلام فاطمہ پنهور، جيجي زرينه بلوچ، آپا سڪينه چنا، آپا زينت ۽ دادي دولي چند شامل رهيون.بي بي صغران هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان بہ ڪم ڪيو، کيس ڇوڪرين جي تعليم ۾ ايتري دلچسپي هُئي جو پاڻ غريب ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي ڇوڪرين جي والدين کي نياڻين جي تعليم ڏيارڻ تي راضي ڪندي هئي. غريب ڇوڪرين کي پنهنجن پئسن سان داخلا ڏياريندي هُئي، ڪيتريون ئي غريب ڇوڪريون بي بي صغران جي مالي امداد سان تعليم يافتہ بڻيون ۽ باعزت روزگار حاصل ڪيو. آپا بي بي صغران جي شادي 1942ع ۾ سنڌ جي مشھور خاندان سيد ثابت علي شاھہ ڪربلائي جي پڙپوٽي سيد ثابت علي شاھہ (ثالث)سان ٿي جيڪو پڻ سرڪاري ملازم هو. سندس اولاد بہ تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل رهيو آهي. سندس وڏي ڌيءَبي بي روشن اختر رضوي، بي بي شيرين رضوي، بدر النساءَ رضوي ۽ پروفيسر اعجاز علي رضوي پڻ تعليم لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ان کانسواءِ سندس ڀينرون بي بي خديجہ ۽ بي بي ممتاز بخاري پڻ تعليم جي شعبي سان وابستہ رهيون. بي بي صاحبہ ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج جي هيڊمسٽريس جي عهدي تي ترقي حاصل ڪئي. 1976ع ۾ حيدرآباد ۾ فيميل سپروائيزر بڻي ۽ اُتان 60 سالن جي ڄمار ۾ رٽائرمينٽ ورتائين. بي بي صاحبہ 27 سيپٽمبر 1991ع تي وفات ڪئي.
1918.02.02 عيسوي
بي بي صغران 2 فيبروري 1918ع تي غلام علي شاهه بخاريءَ جي گهر، ابراهيم شاهه جي پڙ حيدرآباد ۾ جنم ورتو.
1991.09.27 عيسوي
بي بي صغران 27 سيپٽمبر 1991ع تي وفات ڪئي.