صغير الاهي کچي

صغير الاهي کچي

صغير الاهي کچي

صغير الاهي کچي: ناليوارو اداڪار، هدايتڪار ۽ آرٽسٽ صغير الاهي کچي ولد الاهي بخش 19 مارچ 1955ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس تعليم انٽر آهي. اسڪول ۾ پڙهڻ دوران هن جي ڊرامن ڏانهن دلچسپي وڌي. جنهن سبب وڌيڪ نہ پڙهيو. صغير جو والد الاهي بخش کچي پنھنجي وقت جو نامور اسٽيج اداڪار ٿي گذريو آهي. صغير ڊرامن ۾ اداڪاري جي سکيا پنھنجي والد کان ورتي. هن شاگرديءَ واري زماني ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ اسٽيج ناٽڪ ’پيداگير‘ ۾ اداڪاري ڪئي، جنهن ۾ هن هڪ هندؤ جو رول ادا ڪيو، جنهن بعد سندس مقبوليت ۾ اضافو ٿيو. صغير الاهي ڪيترن ئي ڊرامن، اسٽيج ڊرامن، ٽيلي فلمن ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي. اسٽيج ناٽڪن ۾: ‘کل تہ سھي’، ‘گرستي’، ‘ڀلا ڙي تنھنجا ڀاڳ’، ‘هل پنھل’، ‘شادي‘، ‘بابي جي پهاڄ‘، ‘خوابن جي ليليٰ’، ‘بالو کير وارو’، ‘مورتي’. ٽيلي فلمن ۾: ‘جيجل ماءُ’ ۽ ‘دلاور خان’ قابل ذڪر آهن. هن 1973ع ۾ ڪلاڪار آرٽ ڪلب جو بنياد وڌو. صغير الاهي ريڊيو پاڪستان جي ڊرامن تي اداڪاري ڪرڻ کان علاوہ جيو ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين، آواز ٽي. وي ۽ اردو چئنل هم ٽي. وي جي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي. سندس مشھور سنڌي ڊرامن ۾: ‘انتظار گاھہ’، ‘هيلو ٽيسٽنگ’، ‘فنڪار ڪالوني’، ‘اوجاڳيل اکين جا خواب’، ‘عشق جو انداز’، ‘پريم نگر پلازه’، اردو ڊرامو ‘مستانا ماهي’ قابل ذڪر آهن. صغير الاهي، اسڪيچ ۽ پينسل ورڪ ۾ بہ مهارت رکندڙ آهي. هن ڪيترن ئي ماڻهن جا اسڪيچ ٺاهيا آهن. سندس ٺاهيل ذوالفقار علي ڀٽي ۽ جمعي فقير جا اسڪيچ شاهڪار حيثيت رکن ٿا. صغير آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ڊرامن اوري شعبي سان سلهاڙيل آهي ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ صغير الاهي کچيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.03.19  عيسوي

صغير الاهي کچي ولد الاهي بخش 19 مارچ 1955ع تي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جيانتي ڪرپلاڻي
ارجن داس
پير بخاري1
جالنڌري حفيظ
پوپ گريگوري
دولھہ دريا خان 1
برٽن رچرڊ
آدم علي يوسف علي علوي
ديارام ساهني
هنود
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون