
صـنـدوق سڪـينه/ تابوت سڪـيـنه شاهديءَ جي صندوق
صـنـدوق سڪـينه/ تابوت سڪـيـنه (شاهديءَ جي صندوق: Ark of The Covenant): عهدنامي قديم (توريت) جي ڪتاب ٻئي، خروج (38،37،36) مطابق حضرت موسيٰ عليہ السلام پنھنجي شريعت جا ڏھہ الاهي حڪم (Ten Commandments) وٺي سيناء جبل تان لھي آيو. پٿر جي تختين تي اُڪريل اهي احڪام پنھنجي قوم کي ڪوٺي تفصيل سان ٻڌايا ۽ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيو. ان بعد حڪم (منشا) الاهي موجب ڪن ضروري شين جوڙڻ جو سامان، طريقو ۽ بيهڪ بيان ڪندي عبايت لاءِ هڪ خيمي يا تنبوءَ، صندوق، حوض، صندلي، قربانگاھہ، شمعدان، رحمت جو پوش (Mercyseat) ميز، ٿانوَ، پردا، ٻٻر جي ڪاٺ جا تختا، سون (نج، پلٽيل، گهڙيل) سڻيءَ جو ڪپڙو، لوبان وغيرہ قوم کي نذراني طور کڻي اچڻ لاءِ هدايت ڪيائين. انهن شين جوڙڻ جو ڪم قوم جي سمجهدار ماڻهن ۽ هنرمندن جي ذمي لڳايائين.پراڻي يهودي تاريخ ۾ سڀ کان متبرڪ صندوق سڪينه يا شاهديءَ واري صندوق سمجهي ويندي آهي، جنهن ۾ خاص ڪري حضرت موسيٰ جي شريعت اُڪريل تختيون، سندس معجزي واري لٺ، ڪپڙا ۽ جُتي جيڪا کيس جبل سيناء تي وڃڻ مھل پاتل هئي ۽ حضرت هارون جو پَٽڪو ۽ ڪپڙا رکيا ويا، ان جي ٺاهڻ جو ڪم بضلي ايل جي ذمي آيو. اها صندوق ٻٻر جي ڪاٺ جي تختن مان ٺاهي وئي ۽ ان تي سونو پٽ چاڙهيو ويو. صندوق جي ڊيگهہ سوا پنج فوٽ، ان جي ويڪر ۽ اوچائي هڪ وال جي برابر هئي. ان کي کڻڻ لاءِ پاسن کان سونا ڪڙا لڳايا ويا هئا ۽ ٻٻر جي ڪاٺي جا ٻہ ڏنڊا جن تي سون چڙهيل هو. يهودي عقيدو هو تہ خدا ان تي ويهي ڪاهن (پروهت) سان همڪلام ٿيندو هو. هو اها صندوق هر هنڌ پاڻ سان کڻي ويندا هئا. ايتريقدر جو جنگ جي ميدان ۾ بہ اها نيندا هئا. هڪ روايت آهي تہ صندوق سڪينه روم جي (Lateran) واري قربانگاھہ جي هيٺان آهي، پر ان جي پڪ ڪانهي.