صفا: مڪي ۾ هڪ پهاڙي، جيڪا هاڻي زمين جي سطح کان ٿوري بلند آهي. صفا جي معنيٰ مروه جي پهاڙيءَ وانگر، جيڪا هن جي بلڪل سامهون هجي. صفا و مروه مقدس پهاڙيون آهن. مسلمان جڏهن بہ حج يا عمري تي ويندا آهن، تڏهن صفا ۽ مروه جي پهاڙين جي وچ تي ڊوڙندا آهن ۽ اها رسم انهي واقعي جي يادگار آهي تہ انهن ٻنهي پهاڙين صفا ۽ مروه جي وچ تي بيبي حاجره رضي ﷲ عنها پنھنجي پياسي پٽ حضرت اسماعيل عليہ السلام لاءِ پاڻيءَ جي ڳولها ۾ ست دفعا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي هئي. انهي واقعي جي ياد ۾ حج ۽ عمري تي ويندڙ سمورا مسلمان صفا ۽ مروه جي وچ تي ست دفعا ڊوڙ پائيندا آهن.